ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي ملير جناح ايوينيو ۾ بااثر ماڻهن طرفان بلڊر کي ڌمڪائڻ ۽ بليڪ ميل ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي
مشهور بلڊر حنيف گوهر الزام هنيو آهي ته مافياز هٿيارن جي زور تي فليٽس ۾ رهندڙ شهرين کي ڊيڄارڻ سان گڏ کين تنگ ڪن ٿ
بلڊر حنيف گوهر جي شڪايت تي سيڪيورٽي ادارن جناح ايوينيو پهچي تفصيل ورتا، جڏهن ته هٿياربندن طرفان ڪيل ڀڃ ڊاهه کان به آگاهه ڪيو ويو
بلڊرز موجب ملير جناح ايوينيو ۾ شرپسند هٿياربند زبردستي اوينيو ۾ داخل ٿيا، سيڪيورٽي گارڊز کين روڪيو ته اُنهن اسٽاف جي گاڏين جا شيشا ٽوڙي ڇڏيا
هن آرمي چيف، سنڌ حڪومت ۽ آءِ جي سنڌ کان نوٽيس وٺي مافياز خلاف سخت ايڪشن کڻڻ جو مطالبو ڪيو آهي