رياض (م ڊ) سعودي عرب ۽ ٻين اوپيڪ ملڪن مارڪيٽ کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ رضاڪارانه طور روزانو ساڍا 11 لک بيرل تيل پيداوار گهٽائڻ جو اعلان ڪيو آهي. خبر ايجنسي رائٽرز جي مطابق، سعودي عرب ۽ روس سميت وزارتي پينل جي ورچوئل ملاقات بعد گروپ مان اميد ڪئي پئي وئي ته اهو پهرين طئي ٿيل 20 لک بيرل ڪٽوتي تي قائم رهندو. گذريل سال آڪٽوبر ۾، پيٽروليم برآمد ڪندڙ ملڪن جي تنظيم ۽ روس جي اڳواڻي ۾ اتحادين نومبر کان سال جي آخر تائين پيداوار ۾ 20 لک بيرل پيداوار ڪٽوتين تي اتفاق ڪيو هو، جنهن سان واشنگٽن ناراض ٿي ويو هو، ڇاڪاڻ تيل جي سپلاءِ ۾ گهٽتائي قيمتن ۾ اضافي جو سبب بڻجنديون آهن. آمريڪا جو موقف هو ته دنيا کي اقتصادي ترقي کي سهارو ڏيڻ لاءِ تيل جي گهٽ قيمتن جي ضرورت آهي ۽ روسي صدر پوٽن کي يوڪرين ۾ جنگ جي مالي مدد لاءِ وڌيڪ آمدني وڌائڻ کان روڪيو. جڏهن ته ڪالهه اعلانيل غيرامڪاني ڪٽوتي تي عملدرآمد مئي کان ٿيندو، جڏهن ته آڪٽوبر ۾  ٿيندڙ 20 لک بيرل گهٽتائي هن کانسواءِ آهي. سرڪاري بيانن موجب، سعودي عرب چيو آهي ته هو پيداوار ۾ 5 لک بيرل روزانو گهٽتائي ڪندو، جڏهن ته عراق پنهنجي پيداوار ۾ 2 لک 11 هزار بيرل گهٽتائي ڪندو. گڏيل عرب امارات چيو آهي ته هو پيداوار ۾1 لک 14 هزار بيرل، ڪويت 128,000 بيرل ۽ عمان 40,000 بيرل في ڏينهن گھٽتائي ڪندو، ان کان علاوه الجيريا پيداوار ۾ 48,000 بيرل ۽ قازقستان 78,000 بيرل في ڏينهن جي گهٽتائي جو اعلان ڪيو آهي. روسي نائب وزير اعظم پڻ چيو آهي ته ماسڪو 2023 جي آخر تائين 500,000 ڊالر هڪ ڏينهن جي رضاڪارانه ڪٽوتي ۾ اضافو ڪندو.