ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وفاقي شرعي عدالت جو اڳوڻو چيف جسٽس حاذق الخيري لاڏاڻو ڪري ويو، ڊي ايڇ اي فيز 5  ۾تدفين، اھم شخصيتن جي جنازي نماز ۾ شرڪت، ان ڏس ۾ وفاقي شرعي عدالت جي اڳوڻي چيف جسٽس حاذق الخيري گذريل رات ڪراچي جي ڊفينس واري بنگلي ۾ دم ڌڻيءَ حوالي ڪري ڇڏيو، ڊي ايڇ اي فيز 5 ۾ جنازي نماز بعد سندس مڙھھ مٽيءَ ماءَ حوالي ڪيو ويو، جنازي نماز ۾ اھم شخصيتن، وڪيلن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، جسٽس (رٽائرڊ) حاذق الخيري سنڌ هاءِ ڪورٽ جو جج به رهي چڪو آهي، هن صوبائي محتسب ۽ سنڌ مسلم لا ڪاليج جي پرنسپال طور به خدمتون سرانجام ڏنيون، هو اردوءَ جي مشهور اديب علامه راشد الخيريءَ جو پوٽو هو، 2006ع ۾ پرويز مشرف کيس وفاقي شريعت ڪورٽ جو چيف جسٽس مقرر ڪيو ھو.