پير جو ڳوٺ: خروس ناريجا تڪرار تان وڌيڪ 4 ڄڻا مارجي ويا، جنهن بعد مارجي ويلن جو انگ 5 ٿي ويو آهي
ناريجا ڌر جي فائرنگ ۾ عارف خروس مارجي ويو هو، جنهن بعد ڇڪتاڻ وڌي وئي، پوليس ترت ايڪشن نه ورتو
ڪچي جي ٻڪرار ناريجو ڳوٺ ۾ هٿياربندن حملو ڪري فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ وڌيڪ 4 ڄڻا مارجي ويا آهن
ڌرين ۾ ڪيترن ئي ڪلاڪن کان فائرنگ جو سلسلو جاري هُجڻ سبب مقتولن جا لاش واقعي واري هنڌ پيل آهن
ڌرين ۾ ڇڪتاڻ دوران مارجي ويلن ۾ ربنواز ناريجو، عبدالغفور، محمد صالح ناريجو ۽ هڪ ککراڻي ڌر جو ماڻهو شامل آهن
هي به پڙهندا