عيد الاضحيٰ جو ٻيو ڏينهن: قربانيءَ جو سلسلو جاري

0
11

عيد الاضحيٰ جي ٻئي ڏينهن به قربانيءَ جو سلسلو جاري رهيو، سنڌ سميت سموري ملڪ ۾ سُنتِ ابراهيمي تحت ٻئي ڏينهن به جانورن جي قرباني ڪئي وئي

شهرين پاران لذيذ طعام تيار ڪري هڪ ٻئي جون دعوتون ڪرڻ جو سلسلو به جاري آهي

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ جانورن جي قربانيءَ کانپوءِ اوجهه ۽ گند وڌي وڃڻ سبب شهري پريشان، حيدرآباد، سکر، دادو ۽ ٻين شهرن ۾ قربان ڪيل جانورن جو اوجهه روڊ رستن تي پيل آهي

صفائي جو عملو غائب ٿي ويو، صفائي نه ٿيڻ جي صورت ۾ بيماريون پکڙجڻ جو خدشو آهي