سپريم ڪورٽ جو بلوچستان جي صوبائي تڪ پي بي 50 قلعه عبدالله تي ٻيهر چونڊون ڪرائڻ جو حڪم

0
35
سپريم ڪورٽ جو بلوچستان جي صوبائي تڪ پي بي 50 قلعه عبدالله تي ٻيهر چونڊون ڪرائڻ جو حڪم
سپريم ڪورٽ جو بلوچستان جي صوبائي تڪ پي بي 50 قلعه عبدالله تي ٻيهر چونڊون ڪرائڻ جو حڪم

سپريم ڪورٽ بلوچستان جي صوبائي تڪ پي بي 50 قلعه عبدالله تي ٻيهر چونڊون ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، رڳو 6 پولنگ اسٽيشنز تي ٻيهر پولنگ ڪرائڻ وارو اليڪشن ڪميشن جو حڪم ڪالعدم قرار ڏنو ويو

 پي بي 50 قلعه عبدالله تان اي اين پي جو اميدوار زمرڪ خان ڪامياب ٿيو هو، زمرڪ خان جي ڪاميابي کي جي يو آءِ جي ملڪ نواز اليڪشن ڪميشن ۾ چئلينج ڪيو هو

اليڪشن ڪميشن رڳو 6 پولنگس تي ٻيهر ووٽنگ ڪرائڻ جو حڪم ڏنو، اليڪشن ڪميشن جي حڪم کي زمرڪ خان سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو

 چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ زمرد خان جي درخواست تي ٻڌڻي هلائي، سپريم ڪورٽ ٻنهي ڌرين جي اتفاق راءِ بعد صوبائي تڪ تي ٻيهر چونڊون ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو