اتر وزيرستان ۾ فورسز جو آپريشن، دهشتگرد ڪمانڊر صحرا جانان 8 ساٿين سوڌو مارجي ويو

0
54

اتر وزيرستان ۾ سڪيورٽي فورسز جو آپريشن، 8دهشتگرد ماريا ويا، آپريشن 17 ۽ 18 مارچ جي رات جي وچ ۾ ڪيو ويو

آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته اتر وزيرستان ۾ آپريشن دوران 8 خطرناڪ دهشتگرد مارجي ويا، مارجي ويل دهشتگردن ۾ هائي ويليو  ٽارگيٽ دهشتگرد ڪمانڊر صحرا عرف  جانان به شامل آهي

آءِ ايس پي آر جو وڌيڪ چوڻ آهي ته دهشتگرد صحرا عرف جانان 16مارچ تي  مير علي ۾ سڪيورٽي فورسز جي چيڪ  پوسٽ تي حملي ۾ ملوث هو