سني اتحاد ڪائونسل مخصوص سيٽون وٺڻ ئي نه ٿي چاهي: چيف اليڪشن ڪمشنر

0
73
سني اتحاد ڪائونسل مخصوص سيٽون وٺڻ ئي نه ٿي چاهي: چيف اليڪشن ڪمشنر
سني اتحاد ڪائونسل مخصوص سيٽون وٺڻ ئي نه ٿي چاهي: چيف اليڪشن ڪمشنر

سني اتحاد ڪائونسل مخصوص سيٽون وٺڻ ئي نه ٿي چاهي، توهان هنن لاءِ زوريءَ مخصوص سيٽون ڇو پيا وٺڻ چاهيو؟ چيف اليڪشن ڪمشنر مخصوص سيٽن بابت ٻڌڻي دوران پي ٽي آءِ جي وڪيلن آڏو سني اتحاد ڪائونسل جي چيئرمين جو خط پيش ڪري ڇڏيو

 چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته سني اتحاد ڪائونسل جي سربراهه اليڪشن ڪميشن کي خط لکيو، خط ۾ سني اتحاد ڪائونسل چيو آهي ته اسان نه اليڪشن وڙهي ۽ نه اسان کي مخصوص سيٽون گهرجن، پي ٽي آءِ جي علي ظفر چيو ته اسان کي خط جي خبر نه آهي، پي ٽي آءِ کي سني اتحاد ڪائونسل اهڙي خط بابت نه ٻڌايو آهي

ميڊيا سان ڳالهائيندي علي ظفر چيو ته سني اتحاد ڪائونسل جي خط ۾ اهڙي ڪا ڳالهه نه ڪئي وئي آهي، چيف اليڪشن ڪمشنر خط به اسان جي حوالي نه ڪيو، سني اتحاد ڪائونسل کي مخصوص سيٽون نه مليون ته اسپيڪر، ڊپٽي اسپيڪر ۽ صدر جي چونڊ به تڪراري بڻجي ويندي

 بئرسٽر گوهر علي خان چيو ته مخصوص سيٽون نه مليون ته سپريم ڪورٽ وينداسين، اسان جي مينڊيٽ تي ڌاڙو هنيو پيو وڃي

ٻئي پاسي سني اتحاد ڪائونسل جي سربراهه صاحبزاده حامد رضا جو موقف سامهون اچي ويو، صاحبزاده حامد رضا چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن کي مخصوص سيٽون نه وٺڻ بابت ڪو به خط نه لکيو آهي

صاحبزاده حامد رضا چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن کي چونڊن وقت مخصوص سيٽن بابت نه پر جنرل سيٽن تي عورتن جي 5 سيڪڙو ڪوٽا بابت خط لکيو هو، ان خط جو مخصوص سيٽن سان ڪو به تعلق نه آهي، اليڪشن ڪميشن پاران خط کي غلط رنگ ڏنو پيو وڃي