“سنڌي ادب ۾ نفسياتي تنقيد”- مختصر جائزو

0
119
“سنڌي ادب ۾ نفسياتي تنقيد”- مختصر جائزو

پروفيسر ساجد سومرو جو ڪتاب “سنڌي ادب ۾ نفسياتي تنقيد” سندس پي ايڇ ڊي ٿيسز آهي. ھي ڪتاب اٺن بابن تي مشتمل آھي. ھن ڪتاب جي ابتدائي ٽن بابن ۾ ادب، نفسياتي تنقيد جي بانين ۽ ان جي ارتقا جي حوالي سان سگمنڊ فرائيڊ، الفريڊ ايڊلر، ڪارل يونگ، پال سارتر، ڪارل مارڪس ۽ ايرڪ فرام جي نفسياتي تصورن ۽ نظرين جي خوبصورت اپٽار ڪئي وئي آھي ۽ سندن ڪم جو جائزو ورتو ويو آھي. نون پڙھندڙن لاءِ ادب ۾ نفسياتي تنقيدي تصورن کي سمجھڻ لاءِ ھن ڪتاب ۾ پيش ڪيل اھم تصورن جي باري ۾ بنيادي ڄاڻ ڏيڻ ضروري آھي:

                 سگمنڊ فرائيڊ (Sigmond Freud) کي جديد نفسيات جو ابو پڻ ڪوٺيو ويندو آھي. سندس تحليل نفسي نظريو (Psychoanalysis)  ذھن يا شعور کي ٽن حصن ۾ ورھائي ٿو: 1. شعور (Conscious)، 2.  تحت الشعور  (Sub-conscious) ۽ 3. لاشعور (Unconscious). فرائيڊ انھن ٽنھي تصورن ۽ حصن کي سولائيءَ سان سمجھائڻ خاطر برفاني ڇپ (Iceberg)  جي تمثيل پيش ڪئي آھي. ھو چوي ٿو سمنڊ ۾ لڙھندڙ آئيس برگ جو مٿيون حصو جيڪو واضح نموني سان نظر اچي ٿو اھو “شعور” آھي جيڪو ننڍي ۾ ننڍو حصو آھي؛ ھي حصو اسان جي حواسي معلومات سان تعلق رکي ٿو. آئيس برگ جو اھو حصو جيڪو ڪنھن مھل لھرن مان نروار ٿئي ٿو ته ڪنھن مھل وري غائب ٿئي ٿو اھو “تحت الشعور” آھي؛ ھي حصو چڱو خاصو وڏو ھوندو آھي؛ ھن حصي ۾ معلومات جو اھو حصو محفوظ ۽ لڪل پر ھڪيو تڪيو موجود رھي ٿو جنھن مان اسان جو شعور ۽ لاشعور ضرورت جي مطابق شعوري تجزئي يا علامتي اظھار لاءِ گھربل معلومات کي گھرائي وٺندو آھي. جڏھن ته لاشعور ذھن جو اھو حصو آھي جنھن ۾ اسان جون بنيادي جبلتي ضرورتون ۽ جذبا، خاص طور تي جنسي خواھشون، جڏھن سماجي پابندين سببان مسلسل دٻايون وينديون آهن، حسرتون بڻجي جمع ٿينديون رھنديون آھن ۽ اھي مختلف نفسياتي بيمارين ۽ روڳن ۾ تبديل ٿي وينديون آھن .اھي حسرتون، بيماريون ۽ روڳ- ڀوڳنائون شعور ۾ ظاھر ٿي نه سگھنديون آھن، ان ڪري لاڳاپيل فرد انھن کان بيخبر ئي رھندو آھي. ٻئي پاسي وري اھي لاشعوري ڀوڳنائون خوابن ۾ مختلف ۽ منفرد علامتي اظھار ڪنديون رھنديون آھن. فرائيڊ ماڻھوءَ جي ھر عمل کي جنسي جذبي ۽ خواھش سان جوڙيو ھو ۽ گھڻو تڻو سڀني نفسياتي مونجھارن کي جنسي خواھشن جي دٻجڻ ۽ نا آسودگي سان ڳنڍيو ھو.

فرائيڊ اڳتي ھلي پنھنجي نظرئي کي بھتر شڪل ڏني ۽ انساني شخصيت جا ٽي ھڪ ٻئي سان جڙيل پاسا يعني اڊ، ايگو ۽ سپر- ايگو پيش ڪيا. فرائيڊ مطابق اڊ (Id) انساني جبلتن جي تسڪين لاءِ حيواني طريقو آھي جيڪو سماج جي قاعدن ۽ قانونن کي نظرانداز ڪندڙ آھي ۽ فوري تسڪين چاھيندڙ آھي. ايگو (Ego) انساني جبلتن جي تسڪين لاءِ سماجي حدبندين ۽ قائدن قانونن جي پيروي ڪندڙ طريقو آھي. جڏھن ته سپر ايگو (Super-ego)  انساني جبلتن ۽ ضرورتن جي تسڪين جو اھڙو اعلي ۽ شعوري اظھار آھي جيڪو اعلي انساني اخلاقيات جي پيروي ڪندڙ آھي ۽ انفرادي مفادن جي ڀيٽ ۾ اجتماعي مفادن کي ترجيح ڏيندڙ آھي يعني ھو ٻين جي ڀلي لاءِ پنھنجي جبلتي خواھشن ۽ ضرورتن تان وقتي توڙي ڪجھ صورتن ۾ دائمي طرح سان دستبردار ٿيندڙ آھي.

فرائيڊ جيتوڻيڪ جنس ۽ جنسي ناآسودگي بابت نفسياتي تصورن تي وڌيڪ ڪم ڪيو پر ھن سپر ايگو يعني اجتماعي شعور جي ڳالھ پڻ ضرور ڪئي ھئي. ھن سلسلي ۾ ايڊلر احساس ڪمتري مان نڪرڻ ۽ احساس برتري ۽ طاقت جي حصول جي نفسياتي لاڙن جي ڳالھ ڪئي. ھي ٻئي نفسيات دان گھڻو تڻو بھتر انفرادي لاشعور ۽ برتري لاءِ پتوڙڻ جي ڳالھ ڪندا رھيا. جڏھن ته پروفيسر ساجد سومري مطابق “الفريڊ يونگ جو خيال ھو ته جنس کان علاوہ ٻيا به مسئلا ۽ محرڪ آھن جيڪي انسان سان لاڳو رھيا آھن ۽ رھندا ايندا. يونگ چيو ته لاشعور جي تڪميل ۾ صرف ناآسودہ جنسي جذبن ۽ تلخ يادن جو ئي ڪردار ڪونھي ڪو، بلڪه ان ۾ نسلي، قومي، ملڪي ۽ تھذيب توڙي ثقافتي روايتن ۽ ڏند ڪٿائن جو به وڏو عمل دخل آھي جنھن کي اجتماعي لاشعور جي نالي سان يونگ تاريخ جي ھڪ نئين ۽ دلچسپ موڙ سان پيش ڪيو… ھن جو چوڻ ھو ته موت به زندگيءَ جيترو ئي اھم آھي… موت کان ڊڄڻ به غير صحتمند ۽ مريضاڻو رجحان آھي. جنھن کي به موت کان خوف آھي، اھو نفسياتي طور تي بيمار ۽ مريض شخص آھي” (ص. 67-68)

زان پال سارتر (Jean Paul Sartre) جي نفسياتي تصورن مان اھم تصور اھو آھي ته دنيا ۽ زندگيءَ جي بذات خود ڪا مقرر معني ڪونھي پر انھن کي بامقصد ۽ بامعني بڻائي سگھجي ٿو ۽ ايئن ڪرڻ سان اسان جو وجود پڻ بامعني بڻجي ويندو. ڪارل مارڪس (Karl Marx) وري جنسي ناآسودگي جي بدران معاشي ناآسودگي ۽ پيداواري وسيلن جي غير منصفاڻي ورڇ کي سرمائيدار ۽ مزدور طبقن ۾ رسا ڪشي ۽ ڇڪتاڻ جو سبب ڄاتو. ھن نظرئي مطابق معاشي استحصال ۽ عدم استحڪام ئي ڏتڙيل ۽ مزدور طبقن ۾ نفسياتي ۽ سماجي مونجھارن جو اصل سبب آھي.

نفسياتي تصورن ۽ نظرين جي حوالي سان آخر ۾ پروفيسر ساجد سومرو ايرڪ فرام (Erich Fromm) جي نفسياتي نظرئي کي باقي سڀني کان اعلي، اتم ۽ جامع قرار ڏئي ٿو. ھن مطابق ڊارون جي ارتقائي نظرئي تحت زندگي جا سڀ قسم ھڪ گھرڙي واري جاندار مان ڪروڙن ۽ اربن سالن جي مسافت طئه ڪري موجوده حالت ۾ پھتا آھن. “ايرڪ فرام مطابق حيواني وجود فطرت ۽ حيوان وچ ۾ جبري ھم آھنگي جو مظھر ھوندو آھي، جڏھن ته انساني وجود حيوان ۽ فطرت وچ ۾ عدم ھم آھنگي جي شعوري انتخاب جو مظھر ھوندو آھي. يعني انسان فطرت سان بغاوت ڪندي کيس تابع رکڻ گھرندو آھي، بنيادي طور تي اھو ئي انسان ۽ جانور ۾ شعوري فرق آھي. نه ته عمومي جسماني سطح تي ٻنھي ۾ ڪو خاص فرق ناھي، سواءِ رنگ ۽ چمڙي جي. انسان جي برعڪس جانور فطرت جي تابع رھڻ تي ئي مجبور ھوندو آھي، ڇو ته وٽس شعور نه ھوندو آھي. ايتري تائين جو کيس سندس ئي ذات ۽ وجود جو احساس به واقعاتي ۽ حادثاتي طور تي وقتي طور ئي پيدا ٿيندو آھي، ۽ پوءِ جلد ئي ختم ٿي ويندو آھي” (ص. 91)

ايرڪ فرام مطابق ارتقا جي سفر ۾ جيستائين حيواني زندگي جبلتي علم، اظھار ۽ تسڪين جي طريقن تائين محدود ھئي تيستائين سندس رشتو فطرت سان مضبوطي سان جڙيل ھو ۽ ھو فطري ماحول جو محتاج ھو يعني اھو فطرت سان مڪمل طور مطابقت رکندڙ ھو. ان ڊگھي عرصي دؤران علم جي منتقلي ھڪ نسل کان ٻئي نسل تائين خالصتن جينياتي منتقلي سان واسطو رکندڙ ھئي. ھن لاڙي ۾ ھڪ وڏي وٿي ۽ ھڪ وڏو ٽپو تڏھن ڏسڻ ۾ آيو جڏھن لکين سال اڳ جانورن جي ھڪ قسم پنھنجي فطري ۽ جبلتي علم کان بغاوت ڪئي ۽ پنھنجي ميڪانڪي سوچ ۽ لاڙن بدران آزاد سوچ ۽ اڪتسابي ۽ مشاھداتي علم کي سونھون بڻائي زندگي گذارڻ جو فيصلو ڪيو. ان حيوان سڌو بيھي ۽ ھلي چلي پاڻ کي فطرت ۽ جبلت کان آزاد ڪيو، نتيجي ۾ سندس دماغ ۾ نيون تبديليون آيون (ڪارٽيس جڙيو) جن ان کي اعلي ترين حيوان کان تمام گھڻو مٿي کڻي انسان جي درجي تي بيھاريو. ھي سڄو عمل تڪڙو نه ٿيو آھي پر ان ۾ به لکين سال ضرور لڳا آھن. بھرحال انھيءَ ارتقائي سفر ۾ نئين جڙندڙ انسان پاڻ کي فطرت جي جبر، جبلتي علم کان آزاد ته ڪرايو پر ان جي نتيجي ۾ ھن کي ذھني اذيت ۽ پيڙا جي جنھن ڪيفيت منجھان گذرڻو پيو ان کي ايرڪ فرام “انساني صورتحال” (Human Condition)  جو نالو ڏنو آھي.

ھن ڪتاب جو چوٿون باب “سنڌي ادب ۾ نفسياتي تنقيد جا ابتدائي نقاد” بابت آھي، پنجين باب ۾ ليکڪ ۽ محقق “سنڌي ادب ۾ نفسياتي تنقيد جا اھڃاڻ” ۾ حيدر علي جي “ڪڇان ڪڄاڙو” ۽ “اندر ملھ املھ”، احسان بدوي جي “تنقيد ۽ تنقيد نگاري”، ممتاز مھر جي “ويچار”، خاڪي جويي جي “ادب جو قومي ڪردار” جي ڪتابن ۽ اڪبر لغاري

 جي “نفسياتي تنقيد” لکڻي تي تنقيدي نظر وڌي آھي. باب ڇھين “سنڌي ادب ۾ نفسياتي تنقيد متعلق فڪري ۽ علمي مغالطا” ۾ فاضل محقق گوبند مالهيءَ، پوپٽي ھيرانندڻي، جامي چانڊيي، احمد سومري، غفور ميمڻ جي لکڻين ۽ ڪتابن تي سير حاصل نفسياتي تنقيد ڪئي آھي ۽ ان کان سواءِ ھن ۾ فھميدہ حسين ميمڻ جي پي ايڇ ڊي ٿيسز جي گھڻي تڻي مواد تي ادبي چوري بابت پڻ بحث ڪيو آھي. ستين باب “نفسياتي تنقيد ۽ سنڌي شاعري” ۾ فاضل محقق شاھ لطيف، سچل سر مست، آڪاش انصاري، حليم باغي ۽ حسن درس جي نفسياتي اوسر ۽ اعلي ترين نفسياتي ۽ عقلي تصورن کي واکاڻيو آھي، جڏھن ته شيخ اياز جي نرگسيت ۽ آخري عمر ۾ ھن مٿان موت جي خوف حاوي ٿيڻ جو خوبصورت نفسياتي ڇيد ڪيو آھي. آخري يعني اٺين باب “نفسياتي تنقيد ۽ افسانوي سنڌي ادب” ۾ مختلف ليکڪن جي چونڊ افسانن سان گڏ غلام نبي مغل جي ناول “ھمہ منصور ھزار” ۾ ليکڪ کي پنھنجي داخلي پسند وارن لاڙن تحت رسول بخش پليجي کي سنڌ جي عظيم سرفروشن جھڙوڪ “وطن يا ڪفن-آزادي يا موت” جي نعري ھڻندي ڦوھ جواني ۾ سنڌ جي آزادي لاءِ پنھنجو سر قربان ڪندڙ سوريھ بادشاھ ۽ ٻين سرفروشن کان بھتر ۽ برتر ڪري پيش ڪندڙ تي ڇوھ ڇنڊيا آھن ۽ خوبصورت نفسياتي تنقيد ڪئي آھي. ھن باب توڙي ڪتاب جي پڇاڙي ۾ پروفيسر ساجد سومرو امداد رند جي علامتي ڪھاڻي “ڳاڙھيون اکيون” جي تحليل نفسي پيش ڪري نفسياتي تنقيد جو بيشڪ حق ادا ڪري ڇڏيو آھي!