سانگهڙ ويجهو فوجي جوان عطاءُ الرحمان کي قتل ڪرڻ جو انڪشاف، زال ملوث

0
153
سانگهڙ ويجهو فوجي جوان عطاءُ الرحمان کي قتل ڪرڻ جو انڪشاف، زال ملوث
سانگهڙ ويجهو فوجي جوان عطاءُ الرحمان کي قتل ڪرڻ جو انڪشاف، زال ملوث

سانگهڙ ويجهو ڏيڍ مهينو اڳ فوجي جوان جي مبينا آپگهات واري واقعي نئون رخ اختيار ڪري ورتو، پوليس ذريعن موجب جاچ دوران فوجي جوان عطاءُ الرحمان کي قتل ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي

 پوليس ذريعن موجب عطاءُ الرحمان کي سندس گهر واري مريم نشو ڏئي بيهوش ڪيو جنهن بعد سندس چاهيندڙ کيس گولي هڻي قتل ڪيو

پوليس ذريعن موجب ڳوٺ راوتياڻي ۾ ڏيڍ مهينو اڳ فوجي جوان جو گهر مان گولي لڳل لاش مليو هو، واقعي کي آپگهات قرار ڏئي معاملو لڪايو ويو هو

 پوليس موجب مقتول جي گهر واري مريم جا نعيم ڪيريو سان ناجائز لاڳاپا هئا، ٻنهي گڏجي فوجي جوان کي قتل ڪيو

ذريعن موجب پوليس مريم ۽ نعيم کي گرفتار ڪري اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو، واقعي جي وڌيڪ جاچ جاري آهي