مزاحمتي شاعر گدا خاصخيلي کي جناح اسپتال ۾ ايڊمٽ ڪرڻ کان انڪار، ذوالفقار شاهه جو ايڪشن

0
15

مزاحمتي شاعر گدا خاصخيلي کي جناح اسپتال انتظاميه پاران علاج لاءِ ايڊمٽ ڪرڻ کان انڪار بعد ثقافت واري صوبائي وزير ذوالفقار شاهه ايڪشن کنيو آهي

صوبائي وزير جي هدايتن تي گدا خاصخيلي کي جناح اسپتال ۾ داخل ڪري سندس علاج شروع ڪيو ويو

ثقافت کاتي جي ڊائريڪٽر حبيب الله ميمڻ اسپتال پهچي شاعر  گدا خاصخيلي کي 2 لک روپين جو امدادي چيڪ به ڏنو

شاعر جي پٽ محبوب خاصخيلي موجب اسپتال ۾ وينٽيليٽر موجود نه هئڻ جو جواز ڄاڻائي  گدا خاصخيلي کي داخل ڪرڻ کان انڪار ڪيو ويو هو

ٽائيم نيوز تان خبرون نشر ٿيڻ بعد ثقافت واري صوبائي وزير ذوالفقار شاهه نوٽيس ورتو، ذوالفقار شاهه چيو آهي ته گدا خاصخيلي سنڌ جو سرمايو آهي، سندس سرڪاري خرچ تي مڪمل علاج ڪرايو ويندو