قمبر ويجهو سئوٽن ۾ خوني جهيڙي ۾ مارجي ويلن جو انگ 4 ٿي ويو، علائقي ۾ سوڳ

0
48

قمبر ويجهو زمين جي تڪرار تان سئوٽن ۾ خوني جهيڙي دوران مارجي ويل 4 ڄڻن جا جنازا کڄڻ تي علائقي ۾ سوڳ واري صورتحال پکڙيل آهي

 ڳوٺ در محمد مغيري ۾ رات جهيڙي دوران فائرنگ ۾ هِير خاتون، ياسين مغيري ۽ ڪمال مغيري  مارجي ويا هئا، فائرنگ ۾ 5 ڄڻا زخمي به ٿيا هئا

 زخمين مان مقتوله هير جي مڙس ارباب به اڄ زخمن جي سٽ نه سهندي دم ڏنو، زخمي ٿيل 4 ڄڻن جو لاڙڪاڻي جي اسپتال ۾ علاج جاري، ٻن زخمين جي حالت ڳڻتيءَ جوڳي بڻيل

پوليس موجب جهيڙو سئوٽن وچ ۾ جاري زمين جي تڪرار تان ٿيو، جوابدار ڌر گهر خالي ڪري وئي آهي، جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو