وزير اعظم جو صدر آصف زرداري سان  فون تي رابطو

0
13

وزير اعظم شهباز شريف صدر آصف علي زرداري سان  فون تي رابطو ڪري کيس عيد الاضحيٰ جون واڌايون ڏنيون آهن

وزير اعظم شهباز شريف ۽ صدر آصف زرداري وچ ۾ رابطي دوران ملڪي معيشت ۽ سياسي صورتحال تي به ڳالهيون ڪيون ويون

 ٻنهي سربراهن پاران ملڪ جي بهتري لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ واري عزم جو اظهار ڪيو آهي

وزير اعظم شهباز شريف پاڪ فوج جي سربراهن کي به فون ڪري عيد جون واڌايون ڏنيون

وزير اعظم آرمي چيف جنرل عاصم منير، نيول چيف  ايڊمرل نويد اشرف، ايئر چيف مارشل ظهير بابر  ۽  چيئرمين جوائنٽ  چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا کي فون ڪري عيد جون واڌايون ڏنيون

وزير اعظم فوجي سربراهن سان ڳالهائيندي چيو ته قوم عيد جي موقعي تي پيارن کان پري وطن جي دفاع لاءِ سرحدن تي ڊيوٽي ڪندڙ پاڪ فوج جي جوانن ۽ آفيسرز کي ڀيٽا پيش ڪري ٿي