صدر آصف زرداري ۽ آمريڪي سفير ڊونلد بلوم وچ ۾ ملاقات

0
42
صدر آصف زرداري ۽ آمريڪي سفير ڊونلد بلوم وچ ۾ ملاقات
صدر آصف زرداري ۽ آمريڪي سفير ڊونلد بلوم وچ ۾ ملاقات

صدر آصف زرداري ۽ آمريڪي سفير ڊونلد بلوم وچ ۾ ملاقات دوران واپاري توڙي سيڙپڪاري وڌائڻ تي زور ڏنو ويو آهي

صدر آصف زرداري چيو آهي ته پاڪستان ۽ آمريڪا کي مختلف شعبن ۾ گڏيل سهڪار جا نوان    موقعا ڳولڻا پوندا

هن چيو ته آمريڪي ڪاروباري ادارن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۽ جديد ڪاروباري آئيڊياز آڻڻ جي عمل کي همٿائڻ گهرجي

آصف زرداري چيو ته ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي وڌيڪ سگهارو بڻائڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان جي پهرين ترجيح معيشت کي صحيح دڳ تي آڻڻ، معاشي ۽ سيڪيورٽي چئلينجز کي ڪنٽرول ڪرڻ آهي

آمريڪي سفير چيو ته ٻئي ملڪ واپار، سيڙپڪاري، موسمياتي تبديلي، سيڪيورٽي ۽ زراعت جي شعبن ۾ گڏيل سهڪار وڌائي سگهن ٿا

ڊونلڊ بلوم آصف زرداري کي ٻيهر صدر جو عهدو سنڀالڻ تي واڌايون ڏنيون