سنڌ ۾ سرڪاري ملازمن جي ڀرتين تي لڳايل پابندي ۾ واڌ

0
55

سنڌ هاءِ ڪورٽ صوبي ۾ گريڊ هڪ کان پندرهين تائين ملازمن جي ڀرتين تي لڳايل پابندي ۾ واڌ ڪري ڇڏي

عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي سيسي کان ڀرتين جا تفصيل طلب ڪري ورتا آهن

ايم ڪيو ايم جي وڪيل فروغ نسيم جي درخواست تي عدالت صوبي ۾ ڀرتين تي پابندي لڳائي هئي

سيسي جو وڪيل بئرسٽر صلاح الدين عدالت آڏو پيش ٿيو، عدالت چيو ته اهو واضح ٿيڻ گهرجي ته جاري ڪيل اشتهارن تي ڀرتيون ٿيون يا ڪيون وينديون

عدالت ريمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن ڀرتيون ڪيون ويون آهن ته اهو الڳ معاملو ٿي ويندو، ڀرتيون ٿيڻ جي صورت ۾ جنهن کي نوڪري ملي آهي ان جو به قانوني حق بڻجي ٿو، عدالت سيسي کان ڀرتين جا تفصيل طلب ڪندي ٻڌڻي 15 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي