پاناما ريفرنس: حسن ۽ حسين نواز جي بريت جي درخواستن تي نيب کي رڪارڊ جمع ڪرائڻ جو حڪم

0
39
پاناما ريفرنس: حسن ۽ حسين نواز جي بريت جي درخواستن تي نيب کي رڪارڊ جمع ڪرائڻ جو حڪم
پاناما ريفرنس: حسن ۽ حسين نواز جي بريت جي درخواستن تي نيب کي رڪارڊ جمع ڪرائڻ جو حڪم

حسن ۽ حسين نواز جي بريت جي درخواستن تي نيب کي رڪارڊ جمع ڪرائڻ لاءِ 19 مارچ تائين مهلت ڏني وئي آهي

ايون فيلڊ، العزيزيه ۽ فليگ شپ ريفرنسز ۾ حسن ۽ حسين نواز جي بريت جي درخواستن تي نيب کي رڪارڊ جمع ڪرائڻ لاءِ 19 مارچ تائين مهلت ڏني وئي

 احتساب عدالت اسلام آباد جي جج ناصر جاويد راڻا  حسن ۽ حسين نواز جي بريت جي درخواستن تي ٻڌڻي هلائي

 حسن ۽ حسين نواز جو وڪيل قاضي مصباح، نيب پراسيڪيوٽر افضل قريشي، سهيل عارف ۽ عثمان مسعود عدالت آڏو پيش ٿيا

 نيب عدالت کان رڪارڊ جمع ڪرائڻ لاءِ مهلت طلب ڪئي، عدالت نيب کي 19 مارچ تائين مهلت ڏيندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي