خانڳڙهه ۾ سام طور پهتل 2 نوجوان ناريون گهوٽڪي مان اغوا

0
52

خانپور مهر (رپورٽ: قاضي خادم ) خانڳڙهه ۾ سام طور پهتل 2 نوجوان ناريون گهوٽڪي مان مبينا اغوا ٿي ويون

ذريعن موجب گذريل ڏينهن زبردستي شادي جي خوف کان خانڳڙھ پهتل ناريون گهوٽڪي مان اغوا ٿي ويون

ذريعن جو چوڻ آهي ته نارين پنهنجو تعلق ملڪ برادري سان  ٻڌايو هو، جيڪي زبردستي شادي جي  خوف کان خانڳڙھ پهتيون هيون

ٽيڪسي ڊرائيور موجب بابو مهر نالي شخص گهرائي چيو ته ٻنهي نارين کي گهوٽڪي ۾ ڪوچ جي اڏي تي پهچائڻو آهي،  نارين کي کڻي ڪوچ جي اڏي تي پهتس ته موٽرسائيڪل ۽ ڪار سوارن گهيري ۾ آڻي ڇڏيو

ڊرائيور شبير سيال موجب ڪار ۽ موٽرسائيڪل سوار ٻنهي نارين کي  زبردستي گاڏي مان لاهي ڪار ۾ ويهاري  سکر طرف روانا ٿي ويا

وڏي منشي جو چوڻ آهي ته اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي وئي،  ٻن نارين جي اغوا جو اطلاع مليو، معاملي  جي جاچ ڪئي پئي وڃي