پاڪ چين مشاورتي ميڪنزم اجلاس، سموريون سياسي پارٽيون هڪ پيج تي

0
17
پاڪ چين مشاورتي ميڪنزم اجلاس، سموريون سياسي پارٽيون هڪ پيج تي
پاڪ چين مشاورتي ميڪنزم اجلاس، سموريون سياسي پارٽيون هڪ پيج تي

اسلام آباد: سي پيڪ بابت پاڪ چين گڏيل اجلاس ۾ پاڪستان جون سموريون سياسي پارٽيون هڪ پيج تي نظر آيون

چين پاڪستان مشاورتي ميڪنزم اجلاس ۾ مولانا فضل الرحمان، يوسف رضا گيلاني، حنا رباني کر، خالد مقبول صديقي ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ رئوف حسن ۽ ٻين شرڪت ڪئي

اجلاس کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو ته سي پيڪ ٻنهي ملڪن وچ ۾ تعاون جو نئون ويزن آهي، منصوبي جو ٻيو مرحلو پاڪ چين دوستي کي وڌيڪ مضبوط ڪندو

چيني وزير ليوجيان چاو چيو ته ترقي لاءِ اندروني استحڪام ضروري آهي، سيڙپڪاري لاءِ سڪيورٽي صورتحال کي بهتر بڻائڻو پوندو، هن پاڪستانين پاران سي پيڪ جي حمايت کي ساراهيو. پاڪستان ۽ چين ترقي جي نئين راهه تي گامزن آهن، ترقي ٻنهي ملڪن لاءِ فائديمند هوندي

اجلاس کي خطاب ڪندي رٿابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته سياسي پارٽين جي هڪ ئي ميز تي ويهڻ ٻنهي ملڪن جي سياسي قيادت جو هڪ ئي پيج تي هجڻ جو دليل آهي

هن چيو ته اسان کي مستقبل کي محفوظ بڻائڻ لاءِ سي پيڪ کي بهتر بڻائڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو

جميعت علماءِ اسلام (ف) جي امير مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته ڪشمير مسئلي تي پاڪستان جي حمايت تي چين جا ٿورائتا آهيون، دوستي کي ٻنهي ملڪن جي عوام لاءِ فائديمند بڻائڻ چاهيون ٿا. پاڪستان ۾ سي پيڪ تي قومي اتفاق راءِ آهي

اجلاس کي خطاب ڪندي پي ٽي آءِ اڳواڻ سينيٽر علي ظفر چيو ته سي پيڪ پاڪ چين دوستي جي ويزن جو اظهار آهي، سي پيڪ منصوبن کي تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي. دهشتگردي جي خاتمي سان ئي سي پيڪ جو خواب پورو ٿي سگهي ٿو، چين سان دوستي اسان جي پرڏيهي پاليسي جو بنيادي ستون آهي

سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته سي پيڪ پاڪستان جي تعمير ۽ ترقي جو منصوبو آهي، پاڪستان ۽ چين جي دوستي هماليه کان بلند آهي

قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته پاڪستان جون سموريون سياسي پارٽيون هن اهم ”گيم چينجر“ منصوبي جي ڀرپور حمايت ڪن ٿيون، ٻئي پارليامينٽ هميشه هر فورم تي هڪ ٻئي سان گڏ بيٺل آهن

اجلاس کي خطاب ڪندي حنا رباني کر چيو ته سي پيڪ لاءِ سموريون سياسي پارٽيون هڪ پيج تي آهن، گڏيل اجلاس ۾ سمورين سياسي پارٽين جي شرڪت خوش آئند آهي