اپوزيشن جماعتن سپريم ڪورٽ ۾ سني اتحاد ڪائونسل کي مخصوص سيٽون واپس ڪرڻ جي مخالفت ڪري ڇڏي

0
34
پاڪستان ۾ موسمياتي تبديليءَ کان وڏو ٻيو ڪو خطرو نه آهي: سپريم ڪورٽ
اپوزيشن جماعتن سپريم ڪورٽ ۾ سني اتحاد ڪائونسل کي مخصوص سيٽون واپس ڪرڻ جي مخالفت ڪري ڇڏي

اپوزيشن جماعتن سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي دوران سني اتحاد ڪائونسل کي مخصوص سيٽون واپس ڪرڻ جي مخالفت ڪري ڇڏي

جسٽس جمال مندوخيل پڇاڻو ڪيو ته ڇا اليڪشن ڪميشن کي اختيار آهي ته ڪنهن کي پاڻ آزاد ڊڪليئر ڪري؟ پارٽي اميدوار کي ۽ اميدوار پارٽي کي پنهنجو چئي ته اليڪشن ڪميشن کي ڪهڙو اختيار آهي؟

چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سوال ڪيو ته ڇا سياسي پارٽين مان ڪير سني اتحاد ڪائونسل کي سيٽون ڏيڻ جي حمايت ڪري ٿو؟ ن ليگ، پ پ ۽ جي يو آءِ سميت سڀني سياسي پارٽين مخالفت ڪري ڇڏي

 چيف جسٽس رمارڪس ۾ چيو ته ان جو مطلب اهو ٿيو ته اوهان سڀئي اضافي مليل سيٽون رکڻ چاهيو ٿا

 چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهيءَ ۾ سپريم ڪورٽ جي فل ڪورٽ پاران مخصوص سيٽن واري ڪيس جي ٻڌڻي لائيو نشر ڪئي پئي وڃي

 13 ججز تي ٻڌل فل ڪورٽ ٻڌڻي هلائي رهي آهي، جسٽس مسرت هلالي طبيعت خراب هئڻ سبب فل ڪورٽ بينچ جو حصو نه بڻجي سگهي

 جسٽس منصور علي شاهه جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ 6 مئي تي سني اتحاد ڪائونسل جي حصي جون مخصوص سيٽون ٻين جماعتن کي ڏيڻ وارو پشاور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو معطل ڪري ڇڏيو هو