مراد علي شاهه 112 ووٽ کڻي ٽيون ڀيرو سنڌ جو وڏو وزير چونڊجي ويو

0
75

ڪراچي: سيد مراد علي شاهه 112 ووٽ کڻي ٽيون ڀيرو سنڌ جو وڏو وزير چونڊجي ويو

 ايم ڪيو ايم جي اميدوار علي خورشيدي کي 36 ووٽ مليا، مراد علي شاهه ڪٽنب جي ڀاتين سميت ايوان ۾ پهتو ته سندس پرجوش آجيان ڪئي وئي

 گذريل ڏينهن پيپلزپارٽي جو اويس قادر شاهه 111 ووٽ کڻي اسپيڪر ۽ نويد انٿوني ڊپٽي اسپيڪر چونڊجي ويا هئا، اڄ نادر مگسي جي حلف کڻڻ بعد مراد علي شاهه 112 ووٽ کڻي وڏو وزير چونڊجي ويو

 نادر مگسي جيپ ريلي ۾ شرڪت سبب ايم پي اي طور حلف نه کڻي سگهيو هو، سني اتحاد ڪائونسل ۾ شامل پي ٽي آءِ جي حمايت يافته 9 ميمبرز وڏي وزير جي چونڊ واري عمل جو بائيڪاٽ ڪيو

هي به پڙهندا

مريم نواز 220 ووٽ کڻي پنجاب جي پهرين عورت وزير اعليٰ بڻجي وئي