پنوعاقل جي ڪچي ۾ جتوئي ۽ مهر برادري جي ٻن ڌرين ۾ خوني جهيڙي دوران 7 ڄڻا مارجي ويا
جتوئي برادري جي مارجي ويل ماڻهن جي وارثن جو چوڻ آهي ته فائرنگ ۾ اسان جا 6 ڄڻا مارجي ويا آهن
ٻن ڄڻن جا لاش هٿياربند کڻي ويا آهن، مارجي ويلن ۾ امام الدين جتوئي، ولي ڏنو جتوئي، پٺاڻ جتوئي، عظيم جتوئي، خوشي محمد ۽ شاهه محمد جتوئي شامل آهن
فائرنگ ۾ مهر برادري سان تعلق رکندڙ نوجوان حفيظ مهر به مارجي ويو، فائرنگ ۾ جتوئي برادري جا 3 ڄڻا ۽ مهر برادري جا 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا