ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائم تي ڪنٽرول ڪرڻ پوليس لاءِ چئلينج، رمضان ۾ 19 شهري قتل

0
41
ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائم تي ڪنٽرول ڪرڻ پوليس لاءِ چئلينج، رمضان ۾ 19 شهري قتل
ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائم تي ڪنٽرول ڪرڻ پوليس لاءِ چئلينج، رمضان ۾ 19 شهري قتل

ڪراچي: ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائم جي واقعن تي ڪنٽرول ڪرڻ پوليس لاءِ وڏو چئلينج بڻيل آهي، رمضان شريف مهيني ۾ 19 شهري قتل ٿي ويا

پوليس موجب رمضان المبارڪ ۾ ڦر دوران مزاحمت تي 19 ماڻهن کي قتل ۽ 55 کان وڌيڪ ماڻهن کي زخمي ڪيو ويو

پوليس عملدارن جو چوڻ آهي ته سال 2024ع ۾ ڦر دوران مزاحمت 59 ماڻهن کي قتل ڪيو ويو، 200 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا

پوليس موجب هلندڙ سال هن وقت تائين ڪراچي ۾ ڦورن سان 425 مقابلا ٿيا، جن ۾ 55 ڏوهاري مارجي ويا، 439 زخمي ٿي پيا

ٻئي پاسي ڪراچي ۾ عيد جي ڏهاڙن ۾ به ڏوهاري وارداتون رپورٽ ٿيون،  پوليس موجب عيد جي ٻئي ڏينهن گلشن اقبال چورنگي ويجهو فائرنگ جو واقعو پيش آيو، مقتول جي سڃاڻپ 35 ورهين جي تراب زيدي جي نالي سان ٿي

پوليس موجب مقتول دوست سان گڏ اي ٽي ايم مان پئسا ڪڍرائي نڪتو هو، ٻن موٽرسائيڪلن تي سوار 4 ڦورن ڦرلٽ بعد فائرنگ ڪري نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو، مقتول کي هڪ گولي مٿي ۾ لڳي جيڪا موت جو سبب بڻي