عيد جي ڏهاڙي رتوڇاڻ جي واقعن ۾ ناري سوڌو 8 ڄڻا قتل

0
50
هالا ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ مخدوم فضل حسين ۽ سندس ڀائٽي ۾ ڇڪتاڻ تيز
هالا ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ مخدوم فضل حسين ۽ سندس ڀائٽي ۾ ڇڪتاڻ تيز

 عيد ڏهاڙي به رتو ڇاڻ جا واقعا،بلوچستان جي شھر زھري ۾ پراڻي دشمني تان هٿياربندن ٽن ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو، سمري چوڪ وٽ ھٿاربندن ڳوليون ھڻي جميل احمد، سيف الله ۽ حاصل خان جتڪ کي قتل ڪري ڇڏيو

ميھڙ ڀرسان  گهرو اڻبڻت تان جهيڙي دوران مامي هٿان 2 سڳا ڀائر قتل، ڳوٺ سومر قمبراڻي ۾ مامن ۽ ڀاڻيجن وچ ۾جھيڙو ٿي پيو

جوابدار وارث قمبراڻي گوليون ھڻي ٻن ڀاڻيجن شھمير قمبراڻي ۽ لکمير قمبراڻي کي قتل ڪري ڇڏيو،واقعي بعد جوابدار فرار ٿي ويو

 سنگرار ڀرسان ڳوٺ سرائي ۾ زمين جي مالڪي تان جعفري ۽ بنگلاڻي برادريءَ جي ٻن ڌرين وچ ۾ جهيڙو،  فائرنگ  ۾ علي محمد ۽ غلام حيدر جعفري مارجي ويا، غلام نبي ۽ ذوالفقار جعفري زخمي ٿي پيا

 ڏيئي ڀرسان  جوابدار الله ڏنو ڀٽو ڪهاڙين جا وار ڪري پنهنجي زال مسمات بيگم ڀٽي کي قتل ڪري ڇڏيو، واقعي جا ڪارڻ معمول نه ٿيا