ايراني صدر ابراهيم رئيسي سڀاڻي پاڪستان پهچندو

0
50

ايران جو صدر ابراهيم رئيسي پاڪستان جي ٽن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي سڀاڻي اسلام آباد پهچندو

ايراني صدر ٽن ڏينهن جي دوري دوران پاڪستان جي سياسي توڙي عسڪري قيادت سان ملاقاتون ڪندو

ايراني صدر پاڪستان جو اهڙي وقت دورو ڪري رهيو آهي جڏهن ايران ۽ اسرائيل وچ ۾ ڇڪتاڻ چوٽ چڙهيل آهي

پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته ايراني صدر جو پاڪستاني دورو اسرائيل سان ڇڪتاڻ واري واقعي کان گهڻو اڳ طئي ڪيو ويو هو

اسحاق ڊار موجب وچ اوڀر جي صورتحال سبب ايراني پرڏيهي وزير جو دورو ملتوي نه ٿيندو