سکر ۾ معصوم نينگر جي قتل ڪيس ۾ ملوث جوابدار گرفتار

0
60
سکر ۾ معصوم نينگر جي قتل ڪيس ۾ ملوث جوابدار گرفتار
سکر ۾ معصوم نينگر جي قتل ڪيس ۾ ملوث جوابدار گرفتار

سکر  ۾ 13 سالن جي نينگر زين صديقي جي قتل ڪيس ۾ گرفتار جوابدار ياسين ناپر ڏوهه جو اعتراف ڪري ورتو

جوابدار ياسين پوليس آڏو ڏنل پنهنجي وڊيو بيان ۾ چيو آهي ته زين کي اتفاقي طور گولي لڳي، جوابدار چيو ته زين پسٽل مان فائر ڪرڻ لاءِ چئي رهيو هو

مون ٻه گوليون فائر ڪيون جن مان هڪ زين کي لڳي، زين کي اسپتال کڻائي وياسين پر هو نه بچي سگهيو

فائرنگ جو واقعو اينٽي ڪرپشن سرڪل آفيسر شاهد کوسو جي اوطاق تي پيش آيو، اي ايس پي محمد عثمان جو چوڻ آهي ته  واقعي ۾ استعمال ٿيل هٿيار هٿ ڪيو ويو آهي، معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي