ڳوٺ وڏا سمنگ ۾ پراسرار طور فوت ٿيل ٻارن کي قتل ڪرڻ جي تصديق، 4 جوابدار گرفتار

0
86
ڳوٺ وڏا سمنگ ۾ پراسرار طور فوت ٿيل ٻارن کي قتل ڪرڻ جي تصديق، 4 جوابدار گرفتار
ڳوٺ وڏا سمنگ ۾ پراسرار طور فوت ٿيل ٻارن کي قتل ڪرڻ جي تصديق، 4 جوابدار گرفتار

خيرپور ويجهو ڳوٺ وڏا سمنگ ۾ پراسرار طور فوت ٿيل ٻارن کي قتل ڪرڻ جي تصديق ٿي وئي، گرفتار ڪيل عورت سميت 4 جوابدارن پڇاڳاڇا دوران ڏوهه باسي ورتو

 پوليس موجب رات دير سان وارثن جي شڪ ظاهر ڪرڻ تي جميل شيخ، ديدار، الطاف ۽ منور خاتون کي گرفتار ڪيو ويو هو

 گرفتار ڪيل جوابدارن پڇاڳاڇا دوران ٽنهي ٻارن کي قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪيو

 جوابدارن جو چوڻ آهي ته وارثن جي غير موجودگي ۾ ٽنهي ٻارن کي صندوق ۾ وجهي ماري ڇڏيو، ٻارن جي شروعاتي ميڊيڪل رپورٽ ۾ ٻارن جي جسم جي مختلف حصن تي زخم موجود هئڻ جي تصديق ٿي وئي