گورنر ڪامران ٽيسوري ڪراچي اينيمل شيلٽر هوم پهتو: زخمي ڏاچي جي علاج جو جائزو

0
11

گورنر ڪامران ٽيسوري ڪراچي اينيمل شيلٽر هوم پهچي زخمي ڏاچي جي علاج معالجي ۽ ٻين سهولتن جو جائزو ورتو

گورنر ڪامران ٽيسوري چيو ته زخمي ڏاچي کي ملندڙ سهولتون اطمينان جوڳيون آهن، اهڙي واقعي تي سياست نه ٿيڻ گهرجي، سنڌ سرڪار ڏاچي جي ڄنگهه وڍيندڙ اصلي جوابدارن کي گرفتار ڪرائي سزا ڏياري

سانگهڙ ويجهو ورڪشاپ واري علائقي ۾ بااثر جوابدارن پاران فصل جي ڀيل تي معصوم ڏاچيءَ جي ڪهاڙيون هڻي ڄنگهه وڍي وئي هئي

زخمي ٿيل ڏاچي چئن ڏينهن کان ڪراچي شيلٽر هوم ۾ علاج هيٺ آهي، سانگهڙ پوليس 6 جوابدار گرفتار ڪري چڪي آهي، ڏاچيءَ جي مالڪ سومر بهڻ جو چوڻ آهي ته پوليس بااثر وڏيري غلام رسول شر خلاف ڪا به ڪارروائي نه پئي ڪري

پوليس پنهنجي مدعيت ۾ ڪيس داخل ڪري جوابدار گرفتار ڪيا آهن