سنڌ اسيمبلي جي گيلريءَ مان … وڏي وزير جي چونڊ ۽ ڪارڪردگيءَ جا واعدا

0
102
سنڌ اسيمبلي جي گيلريءَ مان ... وڏي وزير جي چونڊ ۽ ڪارڪردگيءَ جا واعدا

سيد مراد علي شاهه آخرڪار ٽيون ڀيرو سنڌ اسيمبلي مان قائد ايوان چونڊجي پاڪستان ۾ لاڳيتو ٽيون ڀيرو وزيراعليٰ رهڻ جو رڪارڊ قائم ڪري ورتو آهي. سنڌ اسيمبلي ۾ ڇاڪاڻ ته پيپلزپارٽي جي عددي تعداد وڌيڪ هو، ان ڪري مراد علي شاهه 112 ووٽ کڻي قائدِ ايوان چونڊجي ويو. مراد علي شاهه پنهنجي سڄي تقرير ۾ بلاول ڀٽو زرداري جي تعريف، مخالفن تي تنقيد ۽ ڪجهه ترجيحون پڻ ٻڌايون. هن گھڻو فوڪس ٻوڏ متاثرن جي بحالي ۽ انهن جا گھر ٺاهي ڏيڻ تي هو. اهو ساڳيو اعلان بلاول پڻ پنهنجي تقرير ۾ ڪيو هو، جنهن جو پڻ گھڻو زور ان ڳالهه تي هو ته سنڌ ۾ جيڪا پيپلزپارٽي جي نئين سرڪار قائم ٿي رهي آهي، اها پنهنجو سمورو ڌيان ٻوڏ متاثرن جي بحالي تي ڏيندي.

                 اعلان جي حد تائين ته کڻي ٺيڪ آهي پر سنڌ اندر ٻوڏ دوران مراد علي شاهه جي سرڪار جو ڪردار ڪو گھڻو سٺو نه رهيو. وقت سر پاڻي جا نيڪال جا بندوبست نه ڪرڻ ۽ ايل بي او ڊي کي زيرو پوائنٽ وٽان ڪٽ نه هڻڻ سبب ڪيترن ئي ضلعن ۾ ٻوڏ تباهيون آنديون. عام ماڻهو ته ٺهيو پر خود پ پ جي چونڊيل نمائندن پڻ ان وقت سرڪاري فيصلن تي ناراضپي جو اظهار ڪيو هو. مراد علي شاهه جنهن وقت سنڌ اسيمبلي ۾ بيهي ٻوڏ متاثرن جي بحالي جون دعوائون ڪري رهيو هو، ان وقت پريس گيلري ۾ صحافي هڪ ٻئي کان پڇي رهيا هئا ته پندرهن سالن جي سرڪار دوران سنڌ اندر هڪڙو به نيڪاسي جو اهڙو منصوبو نه جوڙيو ويو، جنهن ذريعي پاڻي جا قدرتي رستا بحال ٿي سگهن.

ماضيءَ ۾ مراد علي شاهه جي سرڪار ٻوڏ کان بچاءُ جا مستقل حل ڪڍڻ بدران پنهنجي بجيٽ جو وڏو حصو ڪيمپن ۽ ماڻهن کي ڀَت کارائڻ تي خرچ ڪيو. توڙي جو ڪافي ڀيرا اربين رپيا خرچ ڪري عالمي ماهرن کان سروي ڪرايون ويون، انهن جيڪي درياهه جي ساڄي ۽ کاٻي پاسي پاڻي جا قدرتي رستا کولڻ جون تجويزون ڏنيون، انهن تي به عمل نه ٿيو. مراد علي شاهه پاڪستان جو سڀ کان ڊگهو عرصو رهندڙ ناڻي وارو صوبائي وزير رهيو آهي. ان ڏهه کان وڌيڪ بجيٽون پيش ڪيون آهن. پر هڪڙي به اهڙي اسڪيم شامل نه ڪئي، جنهن سان هنن ٻوڏن کي مستقل بنيادن تي روڪي سگھجي. سنڌ ڇاڪاڻ ته پاڪستان جو پوڇڙي وارو علائقو آهي، ان ڪري جڏهن به گھڻيون برساتون پونديون آهن ته پاڻيءَ جو ڇوڙ سنڌ طرف هوندو آهي، ان ڪري اڪيلي ايل بي او ڊي تي ڀاڙڻ کانسواءِ سنڌ سرڪار آر بي او ڊي جو منصوبو پڻ مڪمل نه ڪيو، ان ڪري عارضي طور ميمبرن کي خوش ڪرڻ يا سنڌ جي ماڻهن کي سونهري خواب ڏيکارڻ تائين سندس دعويٰ ٺيڪ آهي، پر جيڪي ماڻهو پاڻيءَ جي قدرتي وهڪرن يا نيڪاسي جي نظام ماحولياتي تبديلين بابت ڄاڻ رکن ٿا، اهي اها ڳالهه ڄاڻي سگھن ٿا ته رڳو گھر ٺاهي ڏيڻ مسئلي جو حل ناهي. ڇاڪاڻ ته جيستائين مستقل بنيادن تي نيڪاسي جو نظام نٿو جڙي تيستائين سرڪار جيڪي گھر ٺاهي ڏيندي، اهي به ڪنهن ٻوڏ جي سٽ سهي نه سگھندا.

مراد علي شاهه پنهنجي تقرير دوران سڀ کان گھڻي تعريف بلاول ڀٽو جي ڪئي. اها حقيقت آهي ته مراد علي شاهه جو ٽيون ڀيرو ته ڇا ٻيو ڀيرو وڏو وزير ٿيڻ پڻ بلاول ڀُٽي جي آشيرواد سان ئي ممڪن ٿيو هو. پنهنجي تقرير دوران هن آصف علي زرداري صرف هڪ ڀيرو واکاڻ ڪئي ته هن صدارتي مدي دوران پنهنجا اختيار پارليامينٽ کي ڏنا. مراد علي شاهه کان اڳ سيد قائم علي شاهه هن ڀيري به چٽ پٽي تقرير ڪندي ذو معنيٰ ۾ مراد علي شاهه کي چيو ته هاڻي وڌيڪ ڪم ڪرڻا پوندا، ڇاڪاڻ ته نه زرداري صاحب ماٺ ڪندو ۽ نه ئي وري ڪا فريال گھٽ آهي. قائم علي شاهه جي اهڙي جملي تي ايوان ۾ ٽهڪڙو مچي ويو. جنهن جي وضاحت به ان کي ڪرڻي پئي ۽ هن قائم علي شاهه کي بزرگ قرار ڏئي چيو ته وڏڙو آهي، هن جون ڳالهيون دل تي نه وٺو.

سنڌ اسيمبلي ۾ ڇاڪاڻ ته مختلف لابيون آهن، ان ڪري موجوده اسپيڪر اويس قادر شاهه پنهنجي ٽرانسپورٽ جي وزارت ان وقت وڃائي، جڏهن هن ٻاهران گاڏيون گھرايون ۽ اهي گاڏيون ڪراچي بندر گاهه تي پهچي چڪيون هيون. گاڏين جي وصولي کان هڪ ڏينهن اڳ کيس ٽرانسپورٽ جي وزارت کان هٽائي اهو سڄو ڪريڊٽ شرجيل انعام ميمڻ کي ڏنو ويو، شايد اهو ئي سبب هو جو اڄ پهرئين ڏينهن اويس قادر شاهه جيڪڏهن ڪنهن کي تقرير مختصر ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون ته اهو شرجيل انعام ميمڻ هو. شرجيل انعام ميمڻ پڻ اسپيڪر اويس قادر شاهه تي طنز ڪندي چيو ته اوهان هائوس کي آرڊر ۾ ته آڻيو. ان وقت ٻنهي جا چهرا ڏسڻ جهڙا هئا. جنهن مان لڳي رهيو هو ته تلخيون اڃا برقرار آهن.

سنڌ اسيمبلي ۾ توڻي جو اڃا ميمبرن جي حلف برداري اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ ۽ قائد ايوان جي چونڊ ٿي آهي، ان ڪري هي ٽئي ڏينهن مبارڪون، ڀاڪر ۽ هڪ ٻئي جي تعريفن ۾ گذريا آهن، پر سنڌ جي پنج ڪروڙ ماڻهن جا حقيقي مسئلا اڃا اڳتي هلي بيان ٿيڻا آهن. ڏسڻو اهو آهي ته هي 168 جو ايوان پنهنجي تڪ جي ماڻهن سان جيڪي واعدا وچن ڪري قائم ٿيو آهي، اهو سندن مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ ڪهڙو ٿو ڪردار ادا ڪري. پارلياماني نظام م اسيمبلي عوام جو حقيقي نمائنده ايوان هوندو آهي، جيڪڏهن اهو ايوان به رڳو مبارڪن ۽ تعريفن ۾ پنهنجو وقت زيان ڪندو ته ماڻهن جا بنيادي مسئلا حل نه ٿي سگھندا. ان ڪري اسيمبلي ميمبرن مٿان اها ذميواري عائد ٿي ٿئي ته هو پنهنجي چپن کي پارٽي پاليسين جي ايلفي هڻڻ بدران ايوان ۾ ڳالهائيندا ۽ سرڪار مٿان دٻاءُ وجهندا ته اها سنڌ جي مسڪين ماڻهن جي اهنجن جو ڪو حل ڪڍي.