جيڪڏهن آرڊيننس سان ڪم هلائڻو آهي ته پوءِ پارليامينٽ کي بند ڪري ڇڏيو: چيف جسٽس

0
27
اليڪشن ڪميشن سني اتحاد ڪائونسل کي مخصوص سيٽون ڏيڻ کان کُتو جواب ڏئي ڇڏيو
اليڪشن ڪميشن سني اتحاد ڪائونسل کي مخصوص سيٽون ڏيڻ کان کُتو جواب ڏئي ڇڏيو

چيف جسٽس پاڪستان جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو آهي ته جيڪڏهن آرڊيننس سان ڪم هلائڻو آهي ته پوءِ پارليامينٽ کي بند ڪري ڇڏيو

چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ اليڪشن ٽربيونل جوڙڻ واري فيصلي خلاف اليڪشن ڪميشن جي درخواست تي ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏيندي چيو ته آرڊيننس آڻڻ پارليامينٽ جي توهين آهي، هڪ پاسي پارليامينٽ قانون ٺاهيو آهي، اليڪشن ايڪٽ ته پارليامينٽ جي خواهش هئي، هي آرڊيننس ڪنهن جي خواهش هئي؟ ڪهڙي ايمرجنسي هئي؟

سپريم ڪورٽ اليڪشن ٽربيونلز جوڙڻ خلاف اليڪشن ڪميشن جي درخواست رد ڪري ڇڏي، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ جسٽس نعيم اختر اليڪشن ڪميشن جي درخواست تي ٻڌڻي هلائي

لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس شهزاد ملڪ 12 جون تي 8 ٽربيونلز جوڙڻ جو حڪم جاري ڪيو هو، 14 جون تي اليڪشن ڪميشن فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو هو، اليڪشن ڪميشن جي وڪيل سڪندر بشير دليل ڏيندي چيو ته 4 ٽربيونلز جوڙڻ تائين ڪو تڪرار نه ٿيو

چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته ڇا چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ هڪ ٻئي سان ملاقات نه ٿا ڪري سگهن؟ آئين ۾ ڪٿي به لکيل نه آهي ته ڪنهن جج سان ملاقات نه ٿي ڪري سگهجي، ملاقات ڪرڻ ۾ انا جي ڪهڙي ڳالهه آهي؟ ٻئي آئيني ادارا آهن

چيف جسٽس اليڪشن ڪميشن جي وڪيل کي مخاطب ٿيندي چيو ته اليڪشن ڪميشن تڪراري ڇو هوندي آهي؟ توهان اليڪشن ڪرائڻ ۾ ناڪام رهيا، پارليامينٽ جي قانون کانپوءِ هي آرڊيننس ڪٿان اچي ويو؟ سپريم ڪورٽ لارجر بينچ جوڙڻ لاءِ معاملو 3 رڪني ڪميٽي ڏانهن اماڻي ڇڏيو