پاڪستان ۾ موسمياتي تبديليءَ کان وڏو ٻيو ڪو خطرو نه آهي: سپريم ڪورٽ

0
42
سپريم ڪورٽ جي فل ڪورٽ پاران مخصوص سيٽن واري ڪيس جي ٻڌڻي جاري
سپريم ڪورٽ جي فل ڪورٽ پاران مخصوص سيٽن واري ڪيس جي ٻڌڻي جاري

جسٽس منصور علي شاهه چيو آهي ته پاڪستان ۾ موسمياتي تبديليءَ کان وڏو ٻيو ڪو خطرو نه آهي، موسمياتي تبديلي پاڪستان جي لاءِ تمام وڏو خطرو ۽ انساني حقن جو معاملو آهي

 جسٽس منصور علي شاهه سپريم ڪورٽ ۾ موسمياتي تبديلي بابت اٿارٽي جي قيام واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏيندي وڌيڪ چيو ته موسمياتي تبديلي جو ايڪٽ 2017 جو آهي، ايترا سال گذرڻ باوجود اڃا تائين اٿارٽي قائم نه ڪئي وئي آهي، اٽارني جنرل اچي ته پهرين ان معاملي کي ٿا ڏسون

 عدالت اٽارني جنرل کي طلب ڪندي ٻڌڻيءَ ۾ وقفو ڪري ڇڏيو، ٻڌڻي جي شروعات ۾ جسٽس اطهر من الله رمارڪس ۾ چيو ته سوشل ميڊيا لاءِ قانون موجود نه آهي پر اٿارٽي ٺاهي وئي، جيڪا اٿارٽي ٺاهڻي آهي اها ٺاهي نه پئي وڃي، جيڪا نه ٺاهڻ گهرجي اها ٺاهي وئي آهي