علي امين گنڊاپور جي وفاقي گهرو وزير ۽ توانائي وزير سان ٻن ڏينهن ۾ ٻئين ملاقات

0
26
علي امين گنڊاپور جي وفاقي گهرو وزير ۽ توانائي وزير سان ٻن ڏينهن ۾ ٻئين ملاقات
علي امين گنڊاپور جي وفاقي گهرو وزير ۽ توانائي وزير سان ٻن ڏينهن ۾ ٻئين ملاقات

وفاق کي چتاءُ ڏيندڙ ڪي پي جي وڏي وزير جي وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ۽ توانائي وزير اويس لغاري سان ٻن ڏينهن ۾ ٻئين ملاقات

آرمي چيف سان ڳالهه ٻولهه ۽ ايس آءِ ايف سي جي اجلاس ۾ شرڪت بابت پي ٽي آءِ باني کي بريفنگ ڏيڻ ۽ هدايتون وٺڻ بعد علي امين گنڊاپور جو رويو تبديل

وفاقي وزيرن سان ملاقات بعد گڏيل پريس ڪانفرنس دوران علي امين گنڊاپور چيو ته ٻنهي جو ٿورائتو آهيان جو ڪي پي جي عوام جو احساس ڪيو، وفاق سان گڏ ويهڻ سان ئي مسئلي جو حل نڪرندو، ڪيسز مان رليف جي اُميد عدالتن ۾ آهي، عوام جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ وفاق سان گڏ هلنداسين، سياسي معاملن ۾ مختلف شين کي مِڪس نه ڪرڻ گهرجي

وفاقي وزيرن سان ويهي صوبي جي عوام کي رليف ڏيڻ جو رستو ڪڍيو آهي، لائين لاسز جا ڪارڻ ختم ڪرڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪنداسين

وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته علي امين گنڊاپور سان ملاقات ۾ بريڪ ٿرو ٿيو آهي، توانائي جي وزير اويس لغاري چيو ته بجلي چوري روڪڻ سان ئي لوڊشيڊنگ ختم ٿي سگهي ٿي، خيبرپختونخواه لاءِ تيار ڪيل ماڊل ٻين صوبن ۾ به لاڳو ڪيو ويندو، محسن نقوي جا ٿورائتا آهيون جو هُن اهم ڪردار ادا ڪيو