ڪراچي(رپورٽ:شاهد ميراڻي)سروسز اينڊ جنرل ايڊمنسٽريشن، قانون، ماحوليات، تعليم، انفارميشن ٽيڪنالوجي، صحت، پوليس، آبپاشي، بهبود آبادي، پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ، معذورن جي ڀلائي واري کاتي، يونيورسٽيز اينڊ بورڊ ۽ معدني وسيلن واري کاتن ۾ 550 آفيسرن، ڊاڪٽرن، ٽيڪنيڪل آفيسرن توڙي اسسٽنٽ پروفيسرن کي 18هين ۽ 19هين گريڊ ۾ ترقيون ڏنيون ويون آهن. ان حوالي سان چيف سيڪريٽري جي منظوري بعد سروسز کاتي پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ته صوبائي سروس جي آفيسرن افضل چنا، سڪندر بلوچ، ڪرن شيخ، عاشق چانڊيو، ڪمال حڪيم، شاهنواز سومرو، نويد رحيم لاڙڪ، محمد بخش عرف راجا ڌاريجو کي 19هين گريڊ، مولا بخش رند، پيربخش جوڻيجو، رياض احمد، عبدالرزاق ساند، مبارڪ حسين، محمد ارشد  کي 18هين گريڊ، عبدالقادر لکمير، محمد نسيم پيرزاده، اسلم لغاري، واحد ميمڻ، بشارت الياس جوکيو، غلام حسين شاھ، هادي بخش ڪاڪا، ياسين چنا، يوسف سومرو، محمد زبير، اياز مهيسر، عمران شاھ، صفدر راڄپر، آفتاب ميمڻ، انيس الرحمان، نواز شاھ جيلاني، مشتاق احمد، نور احمد چانڊيو، ذوالفقار پهنيار، عبدالعزيز چنا، عارف ڪهيري، عابد ٻگھيو، نصرالله شر، فراز سومرو، سيف  قريشي، فهيم شيخ، اقبال شاھ، عصمت خاتون، صالحه بيگم، خالده ڀٽو، فوزيه پروين، سيما زاهد، عائشه مرزا، ارم اسماعيل، عاصمه ڀٽي، بشريٰ نور چانڊيو، تنوير جهان، پارس صلاح الدين سميت 120 هيڊ ماسترن کي سينيئر هيڊ ماستر طور 19هين گريڊ ۾ ترقي ڏني وئي آهي. محمد حسين، شمس الدين ساريو، عقيل احمد، سعيد چنڙ، حفيظ ميمڻ، مجيب الرحمان، ارشد عثمان، اسلام الدين چشتي، سڪندر علي قريشي، عبدالقدير راڄپر، ياسر عرفات، شوڪت سمون، اقتدار علي سميت 390 اسسٽنٽ پروفيسرن کي ايسوسيئيٽ پروفيسر طور 19هين گريڊ ۾ ترقي ڏني وئي آهي. جڏهن ته ماحوليات کاتي جي عبدالقيوم ميمڻ، محمد انصار، حفيظ شيخ، غلام مرتضيٰ چنڙ سميت 14 ڄڻن کي ريجنل ڊائريڪٽر طور ترقي ڏني وئي آهي. مجموعي طور تي 550 ڄڻن کي 18هين ۽ 19هين گريڊ ۾ ترقيون ڏنيون ويون آهن.