ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيو ايم جي ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي چيو آهي ته سڄي ملڪ کي هلائيندڙ ڪراچي شهر ۾ امن امان جي صورتحال انتهائي خراب آهي، هلندڙ سال دوران  300 کان وڌيڪ شهرين کي ڦورن قتل ڪيو آهي، وفاقي توڙي سنڌ حڪومت پاران شهر مان بدامني ختم ڪرائڻ لاءِ ڪردار ادا ناهي ڪيو، آئون شهرين کي اپيل ٿو ڪريان ته اهي پاڻ ۾ اتحاد ڪري پنهنجي حفاظت پاڻ ڪن، ڪالهه ايم ڪيو ايم مرڪز تي پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته  ڪراچي ۾ڏوهاري سرعام گهمن پيا، انهن ڏوهارين جو هن شهر سان تعلق ناهي ۽ نه ئي وري پوليس جو هن شهر سان تعلق آهي، هن شهر جا رهواسي پاڻي جو بل ادا ڪن ٿا پر پاڻي ٽينڪر مافيا کان خريد ڪن ٿا، اها ٽينڪر مافيا به هن شهر سان تعلق نٿي رکي، ، هن شهرين سان مخاطب ٿيندي اپيل ڪئي ته هڪ نئين جدوجهد لاءِ اچو ته گڏ ٿيون، هن چيو ته دنيا جي سڀ کان وڏي ڪچي آبادي هن شهر ۾ آهي، ڪراچي جي آدم شماري گهٽ ڏيکاري پئي وڃي، مٿان تڪ بندين ۾ هن شهر جي نمائندگي جو به حق گهٽايو ويو، اسين چاهيون ٿا ته اليڪشن جلد ٿئي پر انصاف سان ٿئي، هن چيو ته ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائيم ۾ واڌ جو  سپريم ڪورٽ پاڻمرادو نوٽيس وٺي.