ڪراچي(م ڊ) ملڪ اندر 13 تڪن ۾ ننڍي چونڊ ملتوي ٿيڻ تي پ پ چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جو ردعمل سامهون آيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ بلاول جو چوڻ هوته عمران خان ڪيستائين لاڏلو رهندو؟ ملتان ۽ ڪراچي جا منهنجا اميدوار ننڍي چونڊ اوچتو ملتوي ڪرڻ تي مايوس آهن. بلاول چيو ته ننڍي چونڊ لاءِ پ پ اميدوار پنهنجي تڪ جي خدمت لاءِ بيچين آهن، ننڍي چونڊ وارن تڪن ۾ ڊگهي عرصي تائين نمائندگي ناهي. پ پ چيئرمين وڌيڪ لکيو ته چونڊ تياري جي اخري مرحلي ۾ پي ٽي آءِ کي اليڪشن مان ڀڄڻ جي اجازت نه ڏني وڃي.