خيرپور (ن پ ا) خيرپور ۾ عورت پاران مڙس تي تشدد ۽ تذليل جو الزام ھنيو ويو آھي، ڪرونڊي واسڻ ناري مڙس جي مبينا تشدد ۽ تذليل خلاف خيرپور ۾ سماجي عورت اڳواڻ وٽ پهچي وئي
شمشاد اوڏ الزام ھنيو تھ مڙس ايشور اوڏ تشدد ڪرڻ بعد وار ڪتري تذليل ڪئي ۽ نڪ تي بليڊ جا جهير ڏنا
ھن چيو تھ مڙس والدين ۽ مٽن مائٽن ڏانهن اچ وڃ بند ڪري ڇڏي آهي، ماني به ناهي ملندي، انصاف ڪيو وڃي