اسلام آباد(بيورو رپورٽ ) پبلڪ اڪائونٽ ڪاميٽي وڊيو اسڪينڊل ۽ آمنه مسعود جنجوا جي الزامن جي جواب لاءِ اڳوڻي نيب چيئرمين ۽ وقتي نيب چيئرمين کي اڄ طلب ڪري  ورتو آھي، ڪالھه پبلڪ اڪائونٽ ڪاميٽي جو اجلاس نور عالم خان جي صدارت ۾ ٿيو، پبلڪ اڪائونٽ ڪاميٽي جي چيئرمين نيب جي اڳوڻي چيئرمين جسٽس رٽائر جاويد اقبال کي وڊيو اسڪينڊل ۾ اڄ طلب ڪري ورتو آھي، وڊيو ۾ نظر ايندڙ عورت کي به گهرايو ويو آهي، ڪاميٽي چيئرمين نور عالم خان چيو ته نيب جي اڳوڻي چيئرمين جاويد اقبال لاپتا ماڻهن جي ڪميشن جو به چيئرمين آھي ڪميشن ۾ ايندڙ عورت کي ان چيو ته توهان ايترا خوبصورت آهيو شادي جي ڪهڙي ضرورت آھي، مون کي اها ڳالھه آمنه مسعود جنجوا ٻڌائي آھي، اڳوڻي نيب چيئرمين عورت کي هراسان ڪيو، ڪاميٽي ان جو به سخت نوٽيس وٺندي جاويد اقبال کان ان حوالي سان به جواب وٺڻ جو فيصلو ڪيو آھي، ڪاميٽي اڄ جي اجلاس ۾ نيب جي قائم مقام چيئرمين کي به طلب ڪري ورتو آھي. ڪاميٽي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. ڪاميٽي ميمبر نواب شير ويسر چيو ته اسان سڀني جون نياڻيون آهن، معاملي کي سنجيده وٺڻ گهرجي. نورعالم چيو ته اڳوڻو نيب چيئرمين چئي رهيو آهي اهو عيد تي وڃي رهيو آهي، کيس چيو آهي ته ميٽنگ ۾ حاضر ٿئي. جڏهن ته اجلاس ۾ ناڻي وزارت جي آڊٽ اعتراضن جو جائزو ورتو ويو پبلڪ اڪائونٽ ڪاميٽي پيٽرول مصنوعات جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڪرڻ جي سفارش ڪئي آھي ڪاميٽي جي چيئرمين نور عالم خان چيو ته عالمي مارڪيٽ ۾ ٻه ڀيرا تيل قيمتن ۾ گهٽتائي ٿي چڪي آھي پر حڪومت قيمتون گهٽ ڪرڻ بجاءِ قيمتن ۾ واڌ ڪري ڇڏي آھي، اجلاس ۾ ناڻي وزارت جي اسپيشل سيڪريٽري ،گورنر اسٽيٽ بينڪ  جي عدم شرڪت تي ڪاميٽي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ٻنهي کي نوٽيس جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي پي اي سي گورنر اسٽيٽ بينڪ ۽ بورڊ آف گورنرز هي ميمبرن جي مراعتن ۽ پگهارن جا تفصيل طلب ڪري ورتا آھن.