ٽنڊو محمد خان (رپورٽر) بلاول ڀٽو زرداري جي اڳواڻي ۾ ٽنڊو محمد خان پھتل لانگ مارچ دوران 100 کان مٿي ماڻھن جا موبائل فون ۽ ھزارين روپيه نقد رقم نامعلوم شاھينگن پاران ڪڍيا ويا آھن. بلاول ڀٽو زرداري جي روانگي کانپوء ماڻھن پوليس اڳيان دانھون ڪيون سينئر صحافي جميل ميمڻ ؛ پ پ ضلعي اطلاعات سيڪريٽري ڊاڪٽر مير حسن ملاح ۽ ٻين پ پ اڳواڻن جا موبائل ۽ نقد رقم نامعلوم شاھينگ ڪڍي ويا آھن . پوليس موجب موبائل نمبر ٽريس ٿيڻ بعد جوابدارن جي سڃاڻپ ڪئي ويندي