لاڙڪاڻ(ن پ ا) لاڙڪاڻي ڀرسان بقاپور ٿاڻي جي حد مهر وڏا ۾ پوليس چڙھائي دوران هڪ اي ايس آءِ مظفر کوسو ۽ ڪانسٽيبل نواب جتوئي شھيد ٿي ويا
پوليس موجب گذريل رات ڏوهارين جي گرفتاري لاءِ مهر وڏا ۾ ڇاپي دوران هٿياربندن فائرنگ ۾ ٻه اهلڪار شهيد ٿي ويا هئا جن جي جنازه نماز اڄ سندن اباڻي ڳوٺن ۾ ادا ڪئي ويندي
جڏھن تھ پوليس جي فائرنگ ۾ ھڪ ڏوھاري بھ مارجي ويو، پوليس موجب شھيد اي ايس آءِ مظفر کوسو جي لاڙڪاڻي شھر ڀرسان حسين آباد ڳوٺ کوسا ۾ جڏهن ته ڪانسٽيبل نواب جتوئي جي باقراڻي تعلقي جي ڳوٺ شادڻ جتوئي ۾ جنازي جي نماز ادا ڪئي ويندي ۽ ٻنهي شھيد اهلڪارن کي پوليس اعزاز سان دفنايو ويندو
ھي به پڙھندا