لاڙڪاڻو(ن پ ا) جرئت ۽ بھادري سان لاڙڪاڻي ۾ 2 ڀينرون موٽرسائيڪل پاڻ هلائي تعليم حاصل ڪرڻ لڳيون، جن جي وڊيو وائرل ٿي وئي آهي.
وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته اسڪول جي يونيفارم ۾ 2 ڀينرون پاڻ موٽرسائيڪل ھلائيندي ويندي نظر اچي رھيون آهن.
ڀينرن جي پاڻ مرادو موٽرسائيڪل ھلائيندي تعليم حاصل ڪرڻ واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ تي کين جرئت ۽ ٽيلينٽ کي ماڻهو ساراھڻ لڳا.