حراماني به نصيبو لال جي حق ۾ ميدان ۾ اچي وئي

0
248

ڪراچي(شوبز نيوز) پاڪستان ڊراما انڊسٽري جي خوبصورت اداڪارا حراماني به نصيبو لال جي حق ۾ ميدان ۾ اچي وئي. سندس چوڻ آهي ته خواهش آهي ته ايندڙ پي ايس ايل جو گيت به نصيبوڳائي.

اداڪارا حراماني انسٽاگرام تي نصيبو لال جي هڪ تصوير به شيئر ڪئي هن لکيو ته نصيبو لال پي ايس ايل لاءِ زبردست گيت ڳايو هو پر خبرناهي ڇو مٿس تنقيد ڪئي پئي وڃي. حراماني لکيو ته ٿي سگهي ٿو ته ڪجهه ماڻهن کي نصيبو لال نه وڻندي هجي انڪري مٿس تنقيد ڪري رهيا آهن پر منهنجي خواهش آهي ته ايندڙ پي ايس ايل لاءِ به نصيبو لال ئي گيت ڳائي.