ملتان ۾ عمارت ڪرڻ سبب 9 ڄڻا دٻجي فوت ۽ 2 زخمي

0
38
ملتان ۾ عمارت ڪرڻ سبب 9 ڄڻا دٻجي فوت ۽ 2 زخمي
ملتان ۾ عمارت ڪرڻ سبب 9 ڄڻا دٻجي فوت ۽ 2 زخمي

ملتان ۾ عمارت ڪرڻ سبب ٻن خاندانن مٿان  قيامت ڪڙڪي پئي، 9 ڄڻا دٻجي فوت ۽ 2 زخمي ٿي پيا، فوتين ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل  آهن

 ڊسٽرڪٽ ايمرجنسي آفيسر موجب ريسڪيو آپريشن مڪمل  ڪيو ويو، ڊپٽي ڪمشنر ملتان ڀرپاسي جي عمارتن جي فزيڪل انسپيڪشن لاءِ ٽيڪنيڪل ٽيم  جوڙي ڇڏي

 عمارت ڪرڻ جو واقعو سحريءَ وقت پيش آيو، ريسڪيو عملي موقعي تي پهچي  ملبي مان لاش ۽ زخمين کي ٻاهر ڪڍيو، فوتين جا لاش ۽ زخمي نشتر اسپتال منتقل ڪيا ويا

فوتين ۾ ٻه عورتون ۽ ٻار به شامل آهن، پوليس موجب ابتدائي طور تي عمارت ڪرڻ جا  ڪارڻ سامهون نه اچي سگهيا آهن