
ڪرمپور (رپورٽر) ڪرمپور ڀرسان هٿياربند ٽن پورهيتن کي اغوا ڪري ويا، ڳوٺ غوث بخش بجاراڻي مان هٿياربند 3 پورهيتن کي اغوا ڪري ويا
روڊ جو ڪم ڪندڙ پورهيت علي شير شيخ، ميرخان ۽ سهراب کي هٿياربند اغوا ڪري ويا، ٽنهي مغوين جي بازيابي لاءِ پوليس ڪچي طرف رواني ٿي وئي
ڳوٺاڻن موجب ڳوٺ غوث بخش بجاراڻي مان هٿياربند سکر واسي علي شير شيخ، مير خان ۽ سهراب شيخ کي اغوا ڪري ويا
جڏهن ته ڳوٺاڻا پيرا وڃائي واپس موٽي آيا، پوليس مغوين جي بازيابي لاءِ ڪچي طرف رواني ٿي وئي، علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙيل آهي