ڪيٽي بندر ( آدم جانيارو) عوامي تحريڪ طرفان 22 مئي جي شهيد ستار انڙ جي ياد ۾ ڌانڌاري ۾  جلسي عام  ڪيو ويو. جلسي ۾  عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، مرڪزي اڳواڻ ضلعي صدر مٺا خان لاشاري، گھنور خان زنئور رزاق چانڊيو ،بلاول لاشاري، درياخان زنئور اڳواڻن  خطاب ڪيو. انھيءَ موقعي تي ڳالهائيندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار چيو ته 22 مئي تي ايم ڪيو ايم جي دھشتگردن ھٿان شھيد  ٿيندڙ عبدالستار انڙ، شبير بلدي اعجاز ڪلمتي غزاله بتول صديقي ۽ ٻيا سنڌ جي قومي حقن جي جدوجھد جا لازوال ڪردار آهن، جن پنھنجي ڌرتيءَ لاءِ جان جو  نذرانو ڏنو .  ھن چيو ته 22 مئي سانحي جي ذميوارن خلاف اڄ تائين ڪا به ڪاروائي نه ڪئي وئي آهي. انساني قتلام ڪندڙ دهشتگردن کي قانون جي ڪٽهڙي آڻڻ بدران مراعتن سان نوازيو ويو. ايم ڪيو ايم دهشتگرد ٽولو آهي جنھن ٻوري بند لاش ڏنا.دھشتگرد ٽولي جي اميدوارن  کي سيٽون  کٽرائي اقتدار ڏنو وڃي ٿو.  ھن چيو ته پيپلز پارٽي دهشتگردن سان ٺاھ ڪري سنڌين جي ڦٽن مٿان لوڻ ٻرڪيو آهي. 22 مئي جي شهيدن جي جدوجھد نيٺ رنگ لاهيندي. هن چيو ته اڄ به سنڌ دهشتگردي ۽ ڌاڙيل راڄ حوالي آهي.ھن چيو ته گذريل ڏينهن صحافي نصر ﷲ گڏاڻي مٿان حملو انتھائي شرمناڪ عمل آهي ۽ صحافي نصرﷲ گڏاڻي مٿان حملو سنڌ حڪومت ۽ پوليس مشينري جي ناڪامي آهي.  مرڪزي صدر چيو ته  موجوده سرڪار عوام کي تحفظ فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي. هن چيو ته ملڪ جا وسيلا اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل جي معرفت غير ملڪي ڪمپنين کي وڪرو ڪيا پيا وڃن ۽  اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل جي نالي ۾ سنڌ جي زمينن  وسيلن تي قبضو ڪيو پيو وڃي. سنڌ  حڪومت گورک ڪينجھر ڪارونجھر ھاليجي  اسپيشل سميت ٻيا تاريخي ماڳ غير ملڪي ڪمپنين کي وڪرو ڪري رھي آھي سنڌ جو عوام سنڌ تي قبضي ڪرڻ جي ڪنھن به سازش کي برداشت ڪونه ڪندو. جڏهن ته سنڌ مٿان ون يونٽ کان وڌيڪ قھري وار ڪيو ويو آھي. سنڌ جا تاريخي ماڳ ۽ مڪان ۽ زمينون سنڌ جي قومي ملڪيت آهن. هن چيو ته هارين کي بارداڻو نه پيو ڏنو وڃي. بارداڻو وڏيرن ۽ ڪامورن کي ڏنو ويو آهي. وفاقي حڪومت ڪڻڪ اسڪينڊل ۾ نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ کي تحفظ ڏنو آهي.