12 آڪٽوبر 99ع جو ذڪر ۽ حڪومت جي عدليه خلاف مھم

0
246
تخت لاھور جي ڪرسي ، عدليه جو امتحان

 اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ کان پوءِ انسداد دھشتگردي جي عدالت پي ٽي آءِ جي سربراهه اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي عبوري ضمانت ۾  12 سيپٽمبر تائين توسيع ڪري ڇڏي آهي. جڏهن ته نواز ليگ توڙي وفاقي وزيرن پنھنجي ماضي جي روايتن کي ورجائيندي عدليه تي تنقيد ڪندي عمران خان کي لاڏلو قرار ڏنو. اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله جي سربراهي ۾ پنچ رڪني بئنچ اسلام آباد جي سول جج خاتون کي 20 آگسٽ تي عمران خان پاران ڏنل ڌمڪي جو پاڻمرادو نوٽيس جي ٻڌڻي دوران عمران خان پاران جمع ڪرايل جواب کي غير تسلي بخش قرار ڏيندي چيو ته عمران خان پاران جمع ڪرايل جواب جي اھڙي اميد ڪانه هئي ايڏي وڏي ليڊر کي الفاظن جي استعمال کي توري تڪي ڳالھائڻ گھرجي ڇو ته سندس وڏي پيماني تي فالوئوز آھن جج مسٽر ايڪس ۽ مسٽر واءِ ناھن جو جنھن کي جيڪو وڻي چئي ڇڏي. چيف جسٽس اطهر من الله چيو ته رات جو 12 وڳي عدالت کلڻ جو واضع پيغام ھو ته 12 آڪٽوبر 1999ع ٻيهر نه ٿئي. بئنچ جي سينئر جج جسٽس ميان گل اورنگ زيب ريمارڪس ڏيندي چيو ته ڪيس جي ڪارروائي اڄ ئي ختم ٿي ھئا پر توھان جي جواب جي ڪري ائين نه ٿيو عدالت جي آڏو عمران خان جي وڪيل حامد خان دليل ڏيندي چيو ته عمران خان عدليه جي آزادي ۾ يقين رکي ٿو ڪنھن جي دل آزاري ڪرڻ مقصد ناهي بعد ۾ عدالت عمران خان کي ھڪ ھفتي جي مهلت ڏيندي ھدايت ڪئي ته سوچي سمجھي 7 ڏينهن جي اندر جواب جمع ڪرايو جنهن کانپوءِ سماعت 8 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

عمران خان جي خلاف توھين عدالت جي ڪارروائي ملتوي ٿيڻ شرط نواز ليگ جي نائب صدر مريم نواز بيان جاري ڪيو ته تارازي سڌي ناهي انصاف جو ٻٽو معيار نامنظور. سزا جج کي ٿيڻ کپي جنھن انصاف ڪري عمران خان جي شان ۾گستاخي ڪئي. قانون انصاف جي وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو توھين عدالت ڪندڙ شخص کي سزا بنا نٿو ڇڏي سگهجي عمران خان لاءِ لاڏلي جو تاثر ختم ڪرڻ لاءِ قانون لاڳو ڪرڻو پوندو. ھتي اھو سوال پيدا ٿئي ٿو ته اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ توھين عدالت ڪيس جي حتمي نتيجي تي ناھي پھتي ته ان کان پھرين مريم نواز سميت وفاقي وزيرن سڌي اڻ سڌي طرح سان بيان بازي شروع ڪندي عدليه کي پريشر ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته جيئن ڪھڙي به صورت ۾ عمران خان کي نااهل قرار ڪرايو وڃي. ڇو ته ليگي اڳواڻ دانيال چوڌري، طلال چوڌري ۽ نھال ھاشمي کي سپريم ڪورٽ جي ججن خلاف زبان استعمال ڪرڻ تي نااھل قرار ڏنو ويو. حقيقت ۾ڏٺو وڃي ته نواز ليگ کان وٺي مختلف سياسي پارٽين جي سربراهن ۽ اڳواڻن سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کان وٺي ھيٺين عدالتن جي ججن سميت فوجي جنرلن ۽ ڪامورا شاهي کي صرف ان بنياد تي تنقيد جو نشانو بڻايو آھي جڏھن سندن منشا مطابق فيصلا يا نتيجا نه اچن. ھن وقت تائين عدالتن مان جنھن جي حق ۾ فيصلو اچي ويندو آهي ته مخالف ججن کي تنقيد جو نشانو بڻائڻ ۾ دير نه ڪندا آھن. ان حوالي سان ڪئين مثال ڏئي سگهجن ٿا، جنھن ۾ نواز ليگ جو ڪردار سڀني جي آڏو آهي. سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس سميت ججن کي سخت تنقيد جو نشانو بنائيندي کين بت قرار ڏنو ويو. کين عدليه مان ڪڍي ٻاهر ڦٽو ڪرڻ جا بيان جاري ڪيا ويا. احتساب عدالت جي جج جي وڊيو منظرعام تي آڻي کين بليڪ ميل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. نواز شريف عدليه سان گڏ فوجي جنرلن کي نالا وٺي تنقيد جو نشانو بڻايو. ان حوالي سان گھڻو پري وڃڻ جي ضرورت ناهي تازو سپريم ڪورٽ حمزه شهباز جي وڏي وزير جي چونڊ خلاف فيصلو ڏنو ته مريم نواز کان وٺي پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، مولانا فضل الرحمان سميت ٻين پارٽين جي سربراهن اڳواڻن وفاقي وزيرن جيڪا زبان استعمال ڪئي ۽ تنقيد ڪئي ليڪن عدليه ھميشھ وانگر برداشت جو مظاهرو ڪيو. عدليه جي فيصلي تي تنقيد ڪرڻ کان ڪير روڪي نه ٿو سگھي، پر سياسي پارٽين جي سربراهن ۽ اڳواڻن جي حق ۾ فيصلو نه اچڻ تي ان جي خلاف ذاتي دشمني وانگر رويو اختيار ڪرڻ ڪٿان جو انصاف چئي سگهجي ٿو؟ اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ جي پنج رڪني بئنچ عمران خان کي جواب داخل ڪرڻ جو آخري موقعو ڏنو آهي. ضروري ناھي ته عمران خان عدالت جي مطابق جواب جمع ڪرائي يا وري عدالت سندس جواب سان اتفاق ڪري ڇڏي، اھو ته 8 سيپٽمبر تائين انتظار ڪرڻو پوندو. ليڪن ان چوڻي موجب ته نواز ليگ وارن پاڻي کان پھرين ڪپڙا لاهڻ شروع ڪري ڏنا آهن.

اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله سماعت دوران 9 اپريل جي رات جو 12 وڳي عدالت کولڻ جو جواز ڄاڻائيندي چيو ته 12 آڪٽوبر 99ع کي ٻيهر ٿيڻ کان روڪڻ ھو. ان حوالي سان قانوني آئيني ماهرن جي ذھنن ۾ اھو سوال پيدا ٿي ويو آهي ته 12 آڪٽوبر کي ڪيئن ورجائجي ھا؟ موجوده آرمي چيف جنرل باجوه پاڻ چئي چڪو آهي ته فوج جو سياست سان ڪوبه تعلق ناهي. فوج جمھوري حڪومت سان گڏ آھي چاھي ڪھڙي به جماعت جي حڪومت ھجي. پر اھو سوال بار بار پيدا ٿيندو ته چيف جسٽس اطهر من الله کي 12 آڪٽوبر 99ع واري صورتحال ڪيئن نظر آئي جنھن جي ڪري عدالت کي کوليو ويو. ان لاءِ ان ڳالهه جي وڌيڪ وضاحت سامھون اچڻ جي ضرورت محسوس ڪئي پئي وڃي. حالانڪ 12 آڪٽوبر 99ع تي نواز شريف پاڻ فوج کي موقعو فراهم ڪيو ھو، جيڪڏهن انجنيئرنگ ڪور جي ليفٽيننٽ جنرل ضياءَ الدين بٽ کي آرمي چيف مقرر نه ڪري ھا ۽ آرمي چيف جنرل پرويز مشرف کي نه ھٽائي ھا ته 12 آڪٽوبر جو واقعو پيش نه اچي ھا. جڏهن ته 9 اپريل جي رات جو 12 وڳي کان پھرين عمران خان خلاف بي اعتمادي جي رٿ کان پھرين اسپيڪر اسد قيصر عھدي تان استعيفا ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو ۽ ڊپٽي اسپيڪر اجلاس جي صدارت ڪرڻ کان معذرت ڪندي اجلاس جي صدارت نواز ليگ جي ايم اين اي سردار اياز صادق جي حوالي ڪري ڇڏي. ھوڏانھن عمران خان ھٿ ۾ ھڪ ڊائري کڻي وزيراعظم ھائوس مان بني گالا روانو ٿي ويو ته جنھن جي نتيجي ۾ عمران خان جي خلاف بي اعتمادي جي رٿ ڪامياب ٿي وئي. ملڪي تاريخ ۾ جڏهن به فوج اقتدار تي قبضو ڪيو آهي ته ان حوالي سان عدليه جو ڪردار به ڪو لڪل ناهي رھيو. ايوب خان کان وٺي ضياءُ ڊڪٽيٽر جي مارشل لا ھجي يا وري جنرل پرويز مشرف جي روشن خيال جمھوريت جي شڪل ۾مارشل لا ھجي، انھن سڀني کي عدليه نظريه ضرورت تحت جائز قرار ڏنو. پرويز مشرف کي سپريم ڪورٽ اھي به اختيار ڏنا ھئا، جن جي ھن گھر به نه ڪئي هئي. ان وقت افتخار محمد چوڌري پاڻ ان بئنچ جو حصو ھو، پر بعد ۾ جڏهن پرويز مشرف کيس چيف جسٽس جي عهدي تان هٽايو ته وڪيل تحريڪ شروع ٿي وئي جنھن جي نتيجي ۾ کيس بحال ڪيو ويو ان وقت اطھر من الله وڪيل تحريڪ ۾ افتخار چوڌري جو ترجمان ھو.

بھرحال ھوڏانھن انسداد دھشتگردي جي عدالت عمران خان جي خلاف دھشتگردي واري ڪيس ۾ عبوري ضمانت ۾ 12 سيپٽمبر تائين توسيع ڪندي عمران خان جي پڪي ضمانت منظور ڪرڻ يا نه ڪرڻ جي حوالي سان ٻنھي ڌرين کي تياري سان ايندڙ سماعت تي دليل ڏيڻ جي ھدايت ڪري ڇڏي آهي. ان حوالي سان اھو چئي سگهجي ٿو ته اھا تلوار عمران خان جي مٿان لٽڪيل رھندي جيستائين ان جو حتمي فيصلو نه ٿو ٿي سگهي.