ھڪ جپسي ڪالم … ٻه ٽي لُڙڪ ناھن، سمنڊ آ اکين ۾ …

0
188
ھڪ جپسي ڪالم ... ٻه ٽي لُڙڪ ناھن، سمنڊ آ اکين ۾ ...

 اسان سڀ پنھنجي پنھنجي سرڪلس جا تَڙيل ساٿي صدرالدين ساميءَ جي اوتاري تي شامَ کان گڏ ٿيل ھياسين ۽ زندگيءَ جھڙي ڪاري ۽ ڪئوڙي ڪافي اندر ۾ اوتڻ بعد خاص فرمائش تي پنھنجي يار غار جمال مصطفيٰ شورو کان ڪلامَ جي فرمائش ڪري ھن جي ھوريان ھوريان اڀرندڙ  آواز جي پراسرار ۽ سرد دونھين جھڙي زيروبم ۾ گرفتار ۽ گم ٿي رھيا ھياسين ، سمورا  ويٺل ساٿي، مونن ۾ منھن ڏئي پنھنجي پنھنجي پيارـ ڏھاڙن جي نيسٽلجيا ۾ غرق ٿي ويل ڀاسي رھيا ھئا،  ماضيءَ جو ڄڻ ته ڪا اونھي غار ھئي جنھن ۾ سمورا ساميئڙا ساٿي پاڻ کي ھوريان ھوريان لھندي محسوس ڪري رھيا ھئا . وچ ۾ ڪاٺيون ٻري رھيون ھيون ۽ ھڪ مُٺ جھڙي معصوم باھه ، ھڏين کي ڏڪائيندڙ تھ سياري جي رات واري سرديءَ کي جَھڪي ڪرڻ جا جتن ڪري رھي ھئي، ساميءَ جي اوتاري تي ڪو به ڏيئو ڪونه ٻري رھيو ھو، بجلي رُسي ويل زائفان جيان پيڪي ويل ھئي ۽ ڪا خبر ڪانه ھئي ته ڪڏھن موٽندي. معصوم باھه جو پتڪڙو عڪس سڀني سامين جي چھري تي پئجي عجب عجب شڪليون ٺاھي رھيو ھو. ايٿنز شھر جي گرجا گھر جي ڪنھن مجسمي جھڙي جمالَ جو آواز ھوريان ھوريان سگھه وٺي بلند ٿي رھيو ھو .

ڪڏھن ٿيندا ميلا، وفا جا او سائين

ڪڏھن ويندا ڏينھڙا جفا جا او سائين

اوتاري مٿان اڌ کاڌل نارنگيءَ جي ڦارَ جھڙو چنڊ الائي ڪھڙي سوچَ ۾ غلطان نظرجي رھيو ھو ۽ ڌرتيءَ تي روشني اوتڻ ڇڏي ڏنو ھئائين ، جمالَ جون اکيون بند ھيون ۽ ھن جي ھٿن ۾ موبائل جي اسڪرين روشن ھئي، جنھن جو اولڙو ھن جي چھري تي پئجي رھيو ھو، بند اکين جي پاسن کان ڪا اڻ لَکي آلاڻ سمورا ساٿي ڏسي ۽ محسوس ڪري رھيا ھئا.

ساڄي پاسي کٽَ تي پلٿي ھڻي ويٺل مجيد ٿھيم مسلسل ڪافيءَ جي خالي ڪوپَ تي آڱريون ڦيرائي رھيو ھو ۽ ھن جي سانوري چھري جي ڀاوَن مان ڀاسي رھيو ھو ته ھو به ھِن مھلَ اتي موجود ناھي جتي ھِن مھل ھُو موجود آھي، ايئن لڳي رھيو ھو ھوبه سنڌ يونيورسٽي جي آرٽس فيڪلٽيءَ جي ڪوريڊورس ۾ پنھنجي پاسي ۾ موجود ڪنھن مرڪڻيءَ  ڏي پيارَ مان نھاري ڄڻ ته کيس چئي رھيو ھجي . “ميري قاتل، ميري دلدار، مري پاس رهو”. مجيد جي ھٿن ۾ موجود سگريٽ اڌ پيئجڻ بعد وسامي چڪو ھو ۽ ان جي ھن کي ڄڻ ته خبر ئي ڪانه ھئي ، ھوُ مسلسل ڪنڌ ڌوڻي ، جمال جي آواز جي لھه وچڙ ۾ لھي ۽ چڙھي رھيو ھو..

اسان نيڻ پنھنجا وڇائي ويٺاسين

ٿياسون جو خادمَ اوھان جا او سائين

ٻي کَٽَ جي ڀڪَ ۾ ڪامريڊ مشتاق خان موڙھي تي ويٺي ويٺي ايئن لڳي رھيو ھو ڄڻ ماسڪو جي ڳلين ۾ پھچي ويو ھجي ۽ لينن جي مجسمي کي ھر چئونڪ تي ڳولي رھيو ھجي، ھُو مسلسل پير جي آڱوٺي سان ڌرتيءَ کي کوٽي رھيو ھو ، ڄڻ ته پنھنجا اھي سالَ ۽ مھينا ڳولي رھيو ھو، جيڪي ھن ھڪ “اجري صبح” جي چاھَه ۾ گذاري ڇڏيا ھئا، الائي وڃائي ڇڏيا ھئا ۽ ھُو اڄ به اتي ئي بيٺا ھئا جتان انھن اھلِ صفا ـ مردودِ حرم ڪامريڊن پنھنجي سفر جي شروعات ڪئي ھئي. چاليھن سالن تائين اُن اجري صبح جي تلاش ۾ انھن ڪامريڊن پنھنجيون جوانيون ۽ حياتيون ڳاري ڇڏيون ۽ انت ۾ اڄ پنھنجي شھرَ جي چونڪ تي ويڳاڻن جيان گم سم ۽ بي وس بيھي سوچي رھيا آھن ته شھرَ جي ڪھڙي گھٽيَ ۾ انھن جو گھر ھو.. ھُو ته پنھنجي گھرَ وارن کي ئي موٽيويٽ نه ڪري سگھيا ھئا، انھن به ھنن کي سمجھي ڇڏيو ھو ته ھي ڪامريڊ ھڪ اھڙو خواب ڏسي رھيا آھن جنھن جي ھر جاڳَ تي انھن کي ڇانوڻين ۽ ڦاسي گھاٽن جي قطار مان گذرڻو پوندو.. ڪامريڊن جي اھا پيڙھي اڄ ڪيڏي نه اٻاڻڪي ۽ بي راھه نظر اچي رھي آھي جو ڪن وڃي مئخانا وسايا ته ڪن وري ڪارا تَئوا ڳچيءَ ۾ پائي شھرَ جي چئونڪ چئونڪ تي ھوڪا ڏيڻ شروع ڪيا .

ٻه ٽي لُڙڪ ناھن ، سمنڊ آ اکين ۾

ڀلي پيا روئاريو اسان جا او سائين

صدر جي ساڄي ھٿَ جي آڱرين ۾ سگريٽ سڙي چڪو ھو ۽ ھن جي آڱرين کي ساڙڻ لڳو ھو مگر ساميءَ کي ان جي صفا به خبر ڪونه پئجي رھي ھئي، ھن جي چھري تي ماضيءَ جا ڪڪرَ مسلسل گذر ڪري رھيا ھئا، ھن جو اداس منھن وڌيڪ اداس محسوس ٿي رھيو ھو، ھن جو بچپن ۽ جواني ميرپور ٻرڙي جي گھٽين ۾ گذري ھئي ۽ ھن جون ڪلاڪن جون رولاڪيون گھمي ڦري اچي استاد بھار ٻرڙي جي مئخاني تي انت ڪنديون ھيون. ھو انھن ڊگھين سرد يادن جي ڀنور ۾ گھمراٽڙيون پائي رھيو ھو جڏھن مئخاني تي سگھڙن جي بيتن، ڏورن ۽ سينگار جون نديون پيون وھنديون ھيون، ڪا ڳجھارت ڀڄڻ تي ھوڪرا پئجي ويندا ھئا ۽ ان سگھڙ کي ڪلھن تي کڻي شاباسي ڏبي ھئي . کيس اھا رات اڄ به ياد آھي جڏھن بھار جي اوتاري تي جلال چانڊيو ۽ استاد منظور علي خان به اچي حاضري ڀري ويا ھيا . انھن راتين جي سُرن ۽ سنگيت جا اولڙا اڄ به صدر ساميءَ جي اکين ۾ پسي سگھجن ٿا. ٻچڙن جي بھتر آئيندي لاءِ ھي به ڳوٺ ڇڏي شھر ڏي پنڌ پيو ھو ۽ سائين اياز گل جي شعر چواڻي ، “ڳوٺ کي جو ڇڏي شھرَ ڏي پنڌ پئين .. ڪيڏي مانڌاڻ ۾ يارَ ڦاسي وئين ”… جو جيئرو جاڳندو مثال ڀاسي رھيو ھو. ھڪ دوست جي بي شرم ڌوڪي جي ڏنَ ۾ ھن کي پنھنجو اڌ گھر وڪڻڻو پئجي ويو ھو، دوست جي دوستي ته تَري ويئي ھئي پر صدر پنھنجو اڌ گھر وڃائي ڇڏيو ھو، ھاڻي صدر ھڪ ننڍڙي گھرَ ۾ ڀائرن ۽ ٻچڙن سان ڏاڍو ڏکيو گذران ڪري رھيو آھي ۽ ھن جو اھو دوست اڄ به شھر ۾ موجود آھي مگر ھن وري ڪڏھن ڀلجي به ھن ساميءَ جي سارَ نه لڌي . بي شرميءَ کي سڱ ھجن ھا ته صدر جو اھو دوست صرف سڱ ھجي ھا.

ڪڏھن ياد ڀلجي اچون جي اوھان کي

اھي ڀاڳَ ڪاٿي اسان جا او سائين

صدر جي ڀِڪَ ۾ کَٽَ جي سيرانديءَ پاسي وھاڻي کي ڀاڪر ھنيون اسان جو پيارو دوست اياز لغاري ويٺو ھو ۽ مسلسل ھٿَ ۾ پڪڙيل چنگَ سان کيڏي رھيو ھو، ھو به ايئن لڳي رھيو ھو ڄڻ ھن وقت ھتي موجود ڪونه ھو ، ھڪ معصوم ۽ ٻاراڻي چھري واري اياز جون اکيون بند ھيون ۽ ھو الائي ڇا سوچي رھيو ھو، ھن جي مٿي تي رکيل اوني ٽوپي پاسيري ٿي وئي ھئي ۽ ھُو مسلسل ڪنڌ ڌوڻي رھيو ھو، ھن جي ڀڪَ ۾ ئي ساڳئي اسڪول جو جاگرافيءَ جو استاد منصور حمزو پڻ ڪنھن اونھي غار جھڙي ڪنھن ياد ۾ گم نظرجي رھيو ھو، ھو تازو تازو استاد ٿيو ھو ان ڪري پنھنجي سبجيڪٽ ۾ ماھر تصور ڪيو ويندو آھي..

ھئي آسَ ڪيڏي ته ايندئو اڱڻ تي

ڀري پير ڪنھن پل دعا جا اوسائين

اوتاري جي ساڄي پاسي نوجوان شاعر اويس ساگر به ويٺي ويٺي ڪنھن اور ئي ديس ۾ پھچي ويو ھو.. ۽ پنھنجي ڪنھن گم ٿي ويل شعر جي سِٽَ ڳولڻ ۾ مگن لکي رھيو ھو. مون ڏٺو پئي،  اوتاري ۾ موجود ھر يارَ جي چھري تي ھن جي ڪھاڻي ڪنھن فلم جيان ھلي رھي ھئي ۽ مان حيرانيءَ وچان انھن جون اھي اڻ آکيل ڪھاڻيون پڙھي رھيو ھوس. اسان سڀ ان مھل جاڳياسين جڏھن جمال جو آواز ھوريان ھوريان جھيڻو ٿيندو رڪجي ويو. ھن پنھنجي اکين تان چشمو لاٿو ۽ ٽشوپيپر سان لينسز کي اگھي مرڪڻ لڳو . “ڀلا، ھاڻ کڻي موٽي اچو.” ۽ ٽھڪَ ڏيڻ لڳو، اسان سڀ به ڇرڪَ ڀري ان جاءِ تي واپس پھچي وياسين جتي اڳ ۾ اسان موجود ڪونه ھياسين .