ھاڪڙو ۽ حقيقتون

0
192
ھاڪڙو ۽ حقيقتون

 برصغير جي اوائلي ھٿ آيل لکڻين جنھن ۾ رگويد سميت ڪجھه اپنيشد، سمرتين توڙي مھاڀارت ۾ ھڪ وشال ندي سرسوتي جو ذڪر ٿيل آھي جيڪا ھماليا کان نڪري سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندي ھئي، انھن گرنٿن ۾ ندي متعلق ڏنل اھڃاڻن مطابق سرسوتي جنھن کي انڊيا جي اترين علائقن ۾ گھاگھر ۽ سنڌ ۾ ھاڪڙو دريا جي نالي سان سڃاتو ويندو آھي. انھي حوالي سان جتي ھيستائين ھاڪڙو کي سنڌو ندي جو ئي ڇوڙ وارو وھڪرو ڪري سمجھيو ويو آھي اتي انيڪ ويدڪ، يوناني، ميڊيول، بيٺڪي، مقامي توڙي ٻين ڪجھه ٺوس لاڳاپيل تحقيقي حوالن ھاڪڙو کي ھڪ الڳ ٿلڳ دريائي وھڪرو ڪري پڻ مڃيو آھي. اھڙن مڙني تحقيقي حوالن تي نظر وجھڻ سان سڌ پوي ٿي تي ھاڪڙو اوائلي دور ۾ يقيني طور تي ستلج ۽ شايد گڏوگڏ يمنا ندين مان مختلف وقتن تي دريائي پاڻي کڻندڙ ھڪ وشال ندي طور رھيو ھجي جيڪو انڊيا جي ھماچل پرديش کان ھيٺ لھي ھرياڻا صوبي جي علائقن کان ٿيندي راجسٿان پرڳڻي جي اتر الھندي علائقي ذريعي اتر اوڀر سنڌ جي علائقن مان وھندي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو ھو. وقت جي وھڪري سان جاگرافيائي ۽ زميني سطح جي حالتن ۾ آيل تبديلي يا موسمي ۽ ماحولياتي بگاڙ ڪارڻ آڳاٽي زماني ۾ ئي ستلج توڻي امڪاني طور يمنا ندين جي وھڪرن جا رخ مڙڻ ڪاڻ ھاڪڙي جي پيٽ کي ھماليا کان ايندڙ پاڻي ملڻ بند ٿي ويو پر ھن خطي تي پوندڙ بيشمار برساتن ھاڪڙي جي پيٽ کي سڪڻ نه ڏنو ۽ وقت سان گڏ اھا لڪيل حقيقت پڌري ٿيندي نظر اچڻ لڳي آھي ته امڪاني طور برساتي پاڻي تي وھندڙ ھاڪڙو دريا ھڪ الڳ ٿلڳ عظيم ۽ قديم تھذيب کي جنم ڏيندڙ ذريعو رھيو آھي. انھي سلسلي ۾ انڊيا جي آثار قديمه جي ھڪ اڳوڻي ڊائريڪٽر جنرل اي _ گھوش 1951 ۾ ھاڪڙي جي اتر وارن علائقن جي سروي دوران وضاحت ڪئي ته انڊيا ۾ ايندڙ ھاڪڙي واري وھڪري تي ھڪ سئو کان مٿي اھڙيون انساني آباديون مٽي ھيٺ دٻيل آھن جيڪي ھڙاپا ۽ موھن جي دڙي جي ثقافت سان مشابھت ته رکن ٿيون پر انھن آبادين جي عظيم ۽ قديم تھذيب کي سنڌو ماٿري جي تھذيب تائين محدود نٿو رکي سگھجي. اھڙي ريت ڊاڪٽر رفيق مغل ڊائريڪٽر آرڪيالاجي ناردرن سرڪل لاھور به پنھنجي ھڪ تحقيق ۾ ھاڪڙو وادي ۾ 407 قديم ماڳن جي ڳولا ڪئي آھي جنھن متعلق ھن جو چوڻ آھي ته سندن ڪيل ھاڪڙو وادي جي تحقيق جون شاھديون سنڌو تھذيبي ثقافتن جي عروج ۽ زوال جي باري ۾ معلومات مھيا ڪرڻ ۾ مدد ڪن ٿيون جنھن سان سنڌو ماٿري جي عظيم تھذيب تي تحقيق جا نوان گس کلن ٿا ۽ گڏوگڏ سنڌ جي ڏاکڻي علائقي ۾ جتان نارا جي گس تي ھاڪڙو وھندي رڻ ڪڇ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو انھي گس تي پڻ ھاڪڙي تھذيب جي باقياتي اثرن جا پيرا کڻڻ جي اشد ضرورت محسوس ٿئي ٿي جتي انھي حوالي سان اڃا ڪا به جامع تحقيق نه ٿي سگھي آھي سواءِ ڊاڪٽر اين _ اي بلوچ جي جنھن ھاڪڙو جي قديم مقام نھٽو جي نشاندھي ڪئي آھي جتان موھن جي دڙي جي تھذيب سان مشاھبت رکندڙ ڪجھه نشانيون پڻ مليون آھن.

ھاڪڙو متعلق گذريل صدي جي تحقيقي حوالن جي روشني ۾ راجسٿان سميت سنڌ جي اترين علائقن ۽ پسگردائي توڙي گجرات جي اترين علائقن ۾ ويجھڙ دوران ھاڪڙو جي جن به قديم ماڳن جي کوٽائي ٿي آھي انھن مان مليل ھاڪڙو ويئر سميت مڙني نشانين جا اھڃاڻ به انھي ڳالھه جي گواھي ڏيندڙ سمجھيا وڃن ٿا ته ھاڪڙو تھذيب سنڌو ماٿري جي شھري تھذيب جو ھڪ اوائلي گل و گلزار ۽ اتم سڌريل ڳوٺاڻو تھذيبي نمونو آھي جيڪو امڪاني طور زراعت، شڪار ۽ وڻج واپار تي منحصر ڪندڙ سمجھيو وڃي ٿو جنھن جا پيرا 8 ھزار سال قبل مسيح پٿر جي دور کان وٺي 6 کان 4 ھزار سال ق.م  ٽامي ۽ پتل جي دورن تائين کٽن ٿا جنھن جون اصل ۽ پيرائتيون حقيقتون ته يقينن ايندڙ وقت ۾ ڪنھن جامع تحقيق جي ذريعي ئي نڪري نروار ٿي سگھنديون.  حالانڪه انھي سلسلي ۾ سرسوتي ندي تي سيٽلائيٽ، ريڊيوميٽرڪ، ھائيڊروجيالاجيڪل، ڊرلنگ، آئيسوٽوپڪ توڙي مختلف ٻين سائنسي بنيادن تي ھلندڙ تازين تحقيقن جا آڌار ۽ نتيجا به انھي ڳالھه جي گواھي ڏين ٿا ته ھاڪڙو متعلق ھيستائين ڪيل تحقيقي ڪمن جو جائزو ڪافي حد تائين درست سمٿ ۾ روان دوان آھي.

جيتوڻيڪ وقت سان گڏ قديم سنڌو تھذيب جي الڳ الڳ ماڳن تي کوٽائي جو سلسلو ۽ تحقيق جو تسلسل ھر نئين ڏينھن انھي عظيم تھذيب جا لڪيل انوکا ڳجھه اپٽي رھيو آھي جنھن سان قديم سنڌو تھذيب توڙي ان جو اوائلي ۽ عظيم ھاڪڙو سڀيتا وارو انگ نکري نروار ٿيندي نظر اچي رھيو آھي پر اڃا تائين ڪنھن جامع تحقيق کان وانجھيل سنڌ جو ٿر وارو علائقو اھڙي ڪنھن مناسب تحقيق جي حوالي سان انھي ڪري به اھميت جو حامل آھي جو اتان صدين تائين ھاڪڙو توڙي سنڌو دريا جي ڇوڙ جو گس رھيو آھي جنھن جي سيني ۾ امڪاني طور انھي عظيم تھذيب جا بيشمار گڻ دفن ٿيل آھن. انھي سلسلي ۾ قادر _ايڇ ملاح پاران ويجھڙ ۾ ٿر جي لڳ ڀڳ 75 ماڳن جي نشاندھي پڻ ڪئي وئي آھي جن جي کوٽائي ۽ سائنسي تحقيق جو عمل يقينن قديم و عظيم سنڌو تھذيب جي ماٿري جي جھومر مثل انھي اوائلي ۽ سندر ھاڪڙو تھذيب جون ڳجھه بڻيل اصل ۽ اھم حقيقتون اڳيان آڻي ھاڪڙي تھذيب جي منجهيل سٽ کي سلجھائڻ ۾ ڪنھن خاص سنگ ميل  طور ثابت ٿي سگھي ٿو.