ڳڙھي ياسين (ن پ ا) ڳڙھي ياسين ويجهو لاڙڪاڻو، شڪارپور انڊس ھاءِ وي تي ڪوريجا لاڙي وٽ نامعلوم ڦورن پاران ھٿيارن جي زور تي ڳوٺاڻي وقار مھر کان موٽرسائيڪل، روڪ رقم ۽ موبائل فون ڦر ڪري فرار ٿي ويا، جڏھن ته ساڳي ئي ھنڌ تان عبدالحڪيم کوسو کان پڻ هٿياربندن موٽر سائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ نه بيھڻ تان ھٿياربندن ڏنڊو ھڻي کيس رتو رت ڪري ڇڏيو، ٻئي طرف شھر جي مُک چوڪ ڪچي آبادي ۾ اسرار سومرو جي گھر ٻاھران بيٺل مھراڻ ڪار نامعلوم چاٻي چور چوري ڪري فرار ٿي ويا. شهر ۽ ڀرپاسي بدامني سبب رهواسي سخت پريشان ٿي ويا آهن، جڏهن ته پوليس ڏوهارين خلاف ڪا به ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.