ڳڙھي ياسين (رپورٽ: وحيد ڀٽو) ڳڙھي ياسين ڀرسان ڳوٺ علي نواز لنڊ مٿان هٿياربندن جو مبينا حملو، فائرنگ ۾ لنڊ برادري جا ٻه ڄڻا زخمي، ڌرين ۾ ڇڪتاڻ، ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته ناري جي اغوا شڪ ۾ ڀيا برادري جي ماڻهن حملو ڪيو، هٿياربند ٽن ڄڻن کي اغوا ڪري ويا آهن. خبر موجب ڳوٺ علي نواز لنڊ تي ھٿياربندن مبينا حملو ڪري فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا ميھر لنڊ ۽ فوج محمد عرف فوجي لنڊ سخت زخمي ٿي پيا، جن کي شڪارپور اسپتال منتقل ڪيو ويو، ان ڏس ۾ لنڊ برادري جي چڱي مڙس عبدالغفور لنڊ ٻڌايو ته گذريل ڏينھن حسين بخش ڀيو جي ڌيءَ گھران نڪري وئي ھئي، جنهن بابت چيو پئي ويو ته سندس دماغي توازن درست ناهي، جنھن کي شام جو ئي ڀيا سردارن جي معرفت پنھنجي ئي برادري جي نادر ڀيو وٽان واپس ڪرايو ويو هو، هن ٻڌايو ته حسين بخش ڀيو، محبوب ڀيو، عبدالغني ڀيو ۽ گل محمد ڀيو ناري جي اغوا جو شڪ اسان مٿان ظاهر ڪري بيگناهه ڳوٺ مٿان حملو ڪري ٻن نوجوانن کي زخمي ڪيو ۽ ٽن ڄڻن صدام، حنيف ۽ مختيار لنڊ کي اغوا ڪري ويا آھن، چڱي مڙس جو چوڻ هو ته اسان اھڙو اطلاع حد جي پوليس کي ڏنو پر ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين پوليس واقعي واري ھنڌ نه پھتي، ھن چيو ته پوليس کان اڳ اسان وٽ ڀيا چڱا مڙس عابد ڀيو، عامر ڀيو ۽ الطاف ڀيو پھتا، جن ٿيل واقعي بابت معلومات وٺي اغوا ٿيل ٽنھي نوجوان کي بازياب ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي آهي. هوڏانھن رابطو ڪرڻ تي ايس ايچ او ھمايون ٻڌايو ته ڀيا برادري ۽ لنڊ برادري جي ٻن ڌرين واري مسئلي بابت اسان کي ڪا به ڄاڻ يا اطلاع نه آھي، اسين سب ڊويزن سلطان ڪوٽ جي پوليس سان گڏ ڪچي ۾ ھلندڙ آپريشن ۾ ويل آھيون.