ڳڙھي ياسين (ن پ ا) ڳڙھي ياسين ڀرسان ڳوٺ رضامحمد عيساڻي ۾ عيساڻي برادري جي ٻن ڌرين شھزادو عيساڻي ۽ رضامحمد عيساڻي ۾ ڪارنھن معاملي تان ھلندڙ پراڻي تڪرار تان هڪ ڌر جي ھٿيار بندن جو ڳوٺ رضا محمد عيساڻي مٿان مبينا حملو ڪري ڇتي فائرنگ ڪري ڏني، جڏهن ته هٿياربندن ڪڻڪ جي ديرن کي باھيون ڏئي ڇڏيون، ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين فائرنگ باوجود پوليس تماشو ڏسندي رھي، ٻئي ڌريون مورچابند آهن.