پاڻ کي خدا حوالي ڪري ڇڏيو، خراب عادتون به ڇڏي ڏنيون، ڪورونا نه ٿيندو: راکي ساونت

0
494

ڪراچي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي تڪراري اداڪاره راکي ساونت جو چوڻ آهي ته خراب عادتون ڇڏي ڏنيون، مون کي ۽ گهرن وارن کي ڪورونا وائرس نٿو ٿي سگهي، ڀارتي ميڊيا کي انٽرويو ڏيندي هن چيو آهي ته مان پاڻ کي خدا جي حوالي ڪري ڇڏيو ۽ پنهنجو سموريون خراب عادتون به ڇڏي ڏنيون آهن، بص ٿوري گهڻي ڪاوڙ آهي اها به ٺيڪ ٿي ويندي، هن چيو ته مون کي ۽ منهنجي فيملي کي بلڪل به ڪورونا نه ٿي سگهندو، منهنجي حصي جي وئڪسين ڪنهن ٻئي کي لڳائي وڃي، مان هي چئي سگهان ٿي ته، راکي لڙڪ لاڙيندي چيو ته ڏاڍي دل ڏکندي آهي، جڏهن به ڪنهن مريض جي لاش کي بيدردي سان سڙندي ڏسندي آهيان، هن چيو ته سٺو ٿيو ڪنگنا جو ٽوئٽر اڪائوٽ بند ڪيو ويو، ڇو ته ڪنهن به صورتحال ۾ ملڪ ۾ ڀاءُ کي ڀاءُ سان ويڙهائڻ نه گهرجي.